شاهه لطيف جي 281 هين عرس جون تقريبون شروع، پانڌيڙن جا ميلا متل، دنبوري جي تنوار
آگسٽ 21, 2024
ڀٽ شاهه (رپورٽ: رجب علي بوزدار ) لاکيڻي لطيف جي عرس جون تقريبون شروع ٿي ويون، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري ۽ ثقافت کاتي جي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه طرفان درگاهه تي چادر چاڙهي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 281 هين عرس جي تقريبن جو افتتاح ڪيو ويو، ان ڏس ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي پهرئين ڏينهن وزير ثقافت سنڌ سيد ذوالفقار علي شاهه ثقافتي ڳوٺ جو افتتاح ڪيو، سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران شاهه جو باغ ۾ قائم رنگ برنگي ثقافتي ڳوٺ ۾ 40 کان وڌيڪ دستڪاري جا خوبصورت اسٽال لڳايا ويا آهن، ثقافتي ڳوٺ ۾ رلي، اجرڪ، ٽوپي، جنڊي، ڪاشي، ٺڪر جا ٿانو، سوسي، لونگي ۽ ڪتابن جا اسٽال قائم ڪيا ويا آهن جيڪي لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي موقعي تي آيل پانڌيئڙن جي دلچسپي ۽ توجهه جو مرڪز رهيا. ثقافتي ڳوٺ ۾ قائم هوٽل تي صوبائي وزير ثقافت کي مکڻ، جوئر جي ماني ۽ ماکي سميت سنڌ جا روايتي کاڌا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته صوبائي وزير شاهه جي باع ۾ ڪجهه دير لاءِ راڳ پڻ ٻڌو. جڏهن ته عرس جي موقعي تي مختلف علائقن مان هزارين پهتل پانڌيئڙن پاران لاکيڻي لطيف جي مزار تي حاضري ڀري دعائون گهريون ويون، پانڌيئڙن پاران ميلي جي موقعي تي قائم ڪيل مختلف دڪانن، اسٽالن، بازارن تي پھچي خريداري ڪئي وئي، جڏهن ته شولائين تي زائرينن پهچي جهولن، موت جو کوهه، سرگس، چڙيا گهر ۽ ٻين تي تفريح به حاصل ڪري رهيا آهن، ڪراڙ ڍنڍ، شيخ اياز جي مزار ۽ ٻين هنڌن تي به پانڌيئڙن جا ميلا متل آهن.
سنڌ مان سدائين امن جو پيغام مليو آهي: گورنر ڪامران ٽيسوري
ڀٽ شاهه: گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سنڌ ولين ۽ صوفين جي ڌرتي آهي جتان هميشه امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام مليو آهي، اسان سڀ وڏا خوشنصيب آهيون جو اهڙي پياري ڌرتي اسان کي ملي آهي، اهڙين خيالن جو اظهار هن عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشيت ۾ سنڌ جو نوي سيڪڙو حصو آهي، هن صوبي ڏکي صورتحال کي منهن ڏنو آهي جتي بجلي، پاڻي، گيس ۽ بهتر تعليم جا مسئلا آهن جن جي حل لاءِ اڄ اسان دعا گهري آهي، گورنر سنڌ چيو ته هڪ سوال تي گورنر سنڌ چيو ته هاڻوڪين برساتن جي نقصانن کي ڏسندي ڏک ٿيو آهي، برسات متاثرن جي مدد لاءِ وزيراعلي سنڌ ۽ وزيراعظم پاڪستان کي خط لکيو آهي. گورنر سنڌ چيو ته سنڌ حڪومت سان ڪو مقابلو نه آهي اسان سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته هن صوبي جي ڀلائي لاءِ سڀ ملي جلي ڪم ڪن، پيپلز پارٽي سان اختلافن بابت صحافي جي سوال تي گورنر سنڌ چيو ته منهنجا صدر آصف علي زرداري سان پنجويهه سال پراڻا سٺا تعلقات آهن جڏهن ته صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه مون لاءِ ننڍن ڀائرن جهڙو آهي ۽ آئون عوامي گورنر آهيان.
سگهڙ ڪچهري ۾ ڏور بيت، وايون، شاعري ۽ ڳجھارتون پيش
ڀٽ شاھ: شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 281 هين عرس جي موقعي تي سگهڙ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، مختلف علائقن مان 200 کان وڌيڪ سگهڙن ۽ شاعرن سگهڙ ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي، ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سگهڙ ڪچهري ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ به سگهڙ ڪچهري ۾ موجود هو، ان موقعي تي سگهڙن پاران ڏور بيت، وايون، شاعري، پروليون، نڙ بيت ۽ ڳجهارتون پيش ڪيون ويون، مختلف علائقن مان آيل سگهڙن ۾ خليل الرحمان مھيسر، فقير رحمت الله راڄڙ ،ممتاز علي عباسي، عزيزالله مستوئي، سليمان جوڻيجو، ھاشم جاگيراڻي، محبوب علي ڏيپر، محمد قاسم راهمون، رحيم داد ابو پوٽو، الله ڏنو بروهي، سردار علي چانڊيو، ذوالفقار علي لغاري،گلشن علي ملاح، نذیر احمد ميمڻ، بشيراحمد جعفري ،زاهد حسين مھيسر، ولي محمد ڀٽي، غلام عابد رڏ ۽ ٻيا شامل هئا، سگهڙ ڪچهري کي خطاب ڪندي مهمان خاص گورنر خيبر پختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪر کڻي رهي آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙن بزرگن جو پيغام يونيورسٽين جي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻو پوندو جنهن تي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي سان ملي خيبر پختونخواهه جي يونيورسٽين خاص طور تي پشاور يونيورسٽي جي نصاب ۾ سندس پيغام شامل ڪنداسين. هن اعلان ڪيو ته پشاور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ۽ فڪر تي سيمينار منعقد ڪيو ويندو.
طبي ڪئمپ قائم نه ٿي، غيرمعياري کاڌو کائڻ سبب زيارتي بيمار
ڀٽ شاھ: ڀٽائي جي عرس دوران شهر جي هوٽلن ۽ دڪانن تي غير معياري کاڌن جو وڪرو بند ٿي نه سگهيو، 2 درجن کان وڌيڪ زائرين غير معياري کاڌا کائڻ گيسٽرو سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ضلعي انتظاميا طرفان اعلان باوجود شهر ۾ غير معياري کاڌن خلاف بابت ڪا ڪارروائي عمل ۾ اچي نه سگهي آهي. عرس دوران طبي ڪئمپون به قائم ٿي نه سگهيون آهن