شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي

سيپٽمبر 20, 2024

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ذوالفقار ڀٽو جونيئر ۽  فاطمه ڀٽو جي پنهنجي پٽ جونيئر مرتضيٰ ۽ مڙس گراهم جبران سان گڏ ڳڙهي خدابخش آمد

ذوالفقار جونيئر، فاطمه ڀٽو، سندس ور ۽ ٻين جي شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني، شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي حاضري وقت سوين ڪارڪن به موجود

ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو جي موجودگي ۾ ڪارڪنن جي نعريبازي، شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد ذوالفقار جونيئر، فاطمه ڀٽو ۽ سندس ور گراهم جبران المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو روانا ٿي ويا

ان کان اڳ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران مزار تي قران خواني ڪرائي وئي، پ پ شهيد ڀٽو پاران اڄ شام ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسو به رٿيل

پيپلزپارٽي پاران به شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪوهلي کان رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جي درخواست

  • ويسٽ انڊيز پاران آسٽريليا خلاف ٽي- 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

  • آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ،ڪو به پاڪستاني ٽاپ 10 ۾ شامل نه ٿيو

  • ف م لاشاري جي ورسي، “ ڏٺي ڏينهن ٿيام” جي مهورت