شاھنواز قتل: جاچ ايف آءِ اي کان ڪرائجي يا عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي؟ فيصلو 14آڪوٽبر تي ٿيندو
آڪٽوبر 8, 2024
ميرپورخاص (رپورٽ: فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص پوليس هٿان جعلي مقابلي ۾ ماريل عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڪيس جي گھڻ رُخي جاچ جي سلسلي ۾ وڪيل علي پلھه، اصغر ناريجو ۽ ٻين پاران پبلڪ انٽريسٽ لٽيگيشن تحت داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ھاءِ ڪورٽ بينچ ميرپورخاص ۾ ٿي، پيٽيشن جي ٻڌڻي 2 رڪني بينچ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوهيو ڪئي، وڪيلن پاران عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ڪيس سوشل ميڊيا تان اڀريو آھي ۽ ھن ۾ ٻيا به ڪيترائي لڪل ڪردار آھن، قتل پوليس جي ڪسٽڊي ۾ ٿيو آھي، ان ڪري ڪسٽڊي ڊيٿ ايڪٽ 2022ع تحت ڪيس جي جاچ پوليس کان واپس وٺي ايف آءِ اي حوالي ڪئي وڃي، عدالت کي اھا استدعا ڪئي وئي ته پٽيشنرز ۽ فيملي کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي ڏني وڃي ۽ سنڌ حڪومت پاران جيڪا فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽيءَ جي رپورٽ جاري ڪئي وئي، اھا 35 صفحن تي ٻڌل آھي پر ان جا رڳو 4 کان 5 پيج جاري ڪيا ويا آھن، باقي رپورٽ پٽيشنر کي ڏني وڃي، ان ڏس ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي بئريسٽر اسد اللھ راشدي ۽ اصغر ناريجو ٻڌايو ته ھن ڪيس ۾ عدالت سندن ان ڳالھ کي تسليم ڪيو آھي تھه 2022ع جي ڪسٽڊي ڊيٿ ايڪٽ تحت ھن ڪيس ۾ پوليس جاچ نٿي ڪري سگھي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ اعليٰ سطحي پوليس عملدار ملوث آھن ۽ ايڪٽ ۾ اھو لکيل آھي تھ اھڙن ڪيسن جي جاچ آيف آءِ اي ڪندي تھ پوءِ لوڪل پوليس کي ان ڏس ۾ ڇو ملوث ڪيو ويو آھي؟ وڪيلن وڌيڪ چيو تھ عدالت ھن معاملي جو انتھائي سنجيدگيءَ سان نوٽيس ورتو آھي، وڪيلن وڌيڪ ٻڌايو تھ ايندڙ ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تي رکي وئي آھي، جنھن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته ھن ڪيس کي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي يا ايف آءِ اي کان ڪرائي وڃي.
قتل ڪيس ۾ نامزد 4پوليس عملدار پنجاب مان گرفتار
ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ نامزد جوابدار سي آءِ اي جو سب انسپيڪٽر هدايت الله ناريجو، پوليس اهلڪار نادر، قادر ۽ فرمان پنجاب جي علائقي قصور مان گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ايس ايس پي ميرپورخاص شبير سيٺار پاران تصديق ڪئي وئي، ايس ايس پي موجب، ميرپورخاص پوليس ۽ پنجاب پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو، هن چيو ته گرفتار سب انسپيڪٽر ۽ پوليس اهلڪارن کي موبائل فون ٽريس ڪري گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته ڪجھه عرصو اڳ پنهنجي اخبار جي ذريعن پاران خبر شايع ٿي هئي ته پوليس آفيسر ۽ اهلڪار لائن مان غيرحاضر ٿي فرار ٿي ويا آهن.
گرفتار 9 ڄڻا 7 ڏينھن لاءِ جيل حوالي: وڌيڪ 31 جوابدارن جي سڃاڻپ
ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاھنواز جي گرفتاريءَ لاءِ عمرڪوٽ ۾ ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ سرڪاري ڪارگذاري ۾ رڪاوٽون وجھڻ جي الزام ھيٺ گرفتار ٿيل 9 جوابدارن وھاج قريشي، شڪيل خاصخيلي، محمد ساحل قريشي، صدام کوسو، بلاول بجير، ايان علي ڀٽي، الطاف حسين بجير، محمد شاھد يوسفزئي ۽ بلال سولنگيءَ کي ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي ميرپورخاص جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي 7 ڏينھن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، ان موقعي تي جاچ آفيسر عدالت ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن وسيلي وڌيڪ 31 جوابدارن جي سڃاڻپ بابت عدالت ۾ لسٽ جمع ڪرائي ۽ سڃاڻپ ٿيل 31 جوابدارن کي پيش ڪرڻ لاءِ 14 ڏينھن جي مھلت ڏني وڃي، عدالت 14 ڏينھن بدران پوليس کي 7 ڏينھن اندر جوابدار گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.
مولوي احمد شاھاڻي ماڻهو ڀڙڪائي لاش ساڙايو: شاهدن جا بيان قلمبند
عمر ڪوٽ:ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي مبينا طور باھ ڏئي ساڙڻ ۽ لاش جي بيحرمتي ڪرڻ واري ڪيس ۾ مقتول جي والد صالح ڪنڀار ۽ سندس سئوٽ جنيد ڪنڀار جاچ ڪاميٽي آڏو ايس ايس پي عمرڪوٽ جي آفيس ۾ پنھنجا 161 جا بيان رڪارڊ ڪرايا، مقتول جي والد صالح ڪنڀر بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته لاش کڻائي ڳوٺ جانھيرو جي ھاءِ اسڪول پھتس ته مڇريل ماڻھن ايمبولينس کي گھيري ورتو، ڏٺم ته مولوي احمد ولد عبدالرحيم شاھاڻي تقرير ڪندي ماڻھن کي ڀڙڪائي رھيو ھو ۽ چئي رھيو ھو ته لاش کي ساڙيو، محبوب ولد غلام رسول ساند، رياض ولد عبدالله پنھور، امجد ولد ھاشم پنھور، غمشاد ولد غلام محمد پنھور، نورحسن ولد محمد عرس پنھور، غلام مجتبي ولد مير محمد پنھور، صيفل ولد علڻ پنھور، دائود ولد حسين پنھور، لکمير ولد علي سميجو، ارشد ولد موچار سميجو، عليم ولد خميسو سميجو، سليم ولد ميرمحمد ساند، شير علي ولد علي خان سميجو، ميوو ولد ابراھيم سميجو، نويد ولد الھورايو پنھور، فقيرو ولد ابراھيم پليجو، معشوق ولد الھڏنو خاصخيلي، بدرو پنھور ويٺل سڀ ڳوٺ جانھيرو ۽ غفار رانگھڙ ويٺل ڳوٺ خانو رانگھڙ ۽ 15 نامعلوم جن کي ڏسي سڃاڻندس ھٿن ۾ پئٽرول سان ڀريل بوتلون ھيون، مولوي احمد شاھاڻي جوابدارن کي چيو ته لاش کي باھ ڏيو، سڀني جوابدارن ھل ھنگامو ڪري حراس پکيڙيو ۽ نعريبازي ڪئي، اسان اتان ايمبولينس واپس ڪري مين ڪنري روڊ تي آياسين جتي لاش اسان ايمبولينس مان لاھي منھنجي ڪار ۾ رکيوسين ۽ تدفين لاءِ 19 سيپٽمبر تي پنھنجي باراني زمين ۾ کڻي آياسين جتي مٿي ڃاڻايل سڀئي جوابدار پھچي ويا، اسان کان لاش ڦُري زوري گاڏي مان لاھي ورتو، مولوي احمد شاھاڻي، امجد ساند، غمشاد ۽ نورحسن وارن لاش گاڏي مان لاھي ھيٺ رکيو ۽ جوابدار مجتبيٰ صيفل، دائود، لکمير ۽ ارشد وارن سُڪل ڳاھ کڻي ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش تي رکيو ۽ مولوي احمد شاھاڻي ۽ ٻيا پئٽرول ھاري باھه ڏئي واپس ھليا ويا، اسان باھ کي وسائي زمين ۾ تدفين ڪري گھر موٽي آياسين، اھڙو ساڳيو 161 جو بيان ڪيس جي ٻئي شاھد مقتول ڊاڪٽر جي سئوٽ جنيد ڪنڀر به رڪارڊ ڪرايو، رابطو ڪرڻ تي ڪيس جي فريادي مقتول جي سالي ابراھيم ڪنڀر تصديق ڪندي ٻڌايو ته شاھدن جا 161 ج بيان جاچ ڪميٽي آڏو رڪارڊ ڪرايا ويا آھن .
پير عمر جان سرهندي جي ضمانت ۾ 5 ڏينهن جي واڌ
ميرپورخاص: عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ڪيس ۾ الزام ھيٺ آيل سامارو جو پير عمر جان سرھندي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، سندس وڪيل جان علي جوڻيجو ضمانت لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي، جيڪا عدالت 2 لک جي مچلڪن عيوض قبول ڪندي کيس 5 ڏينھن جي عبوري ضمانت ڏني. ان ڏس ۾ پير عمر جان سرھندي جي وڪيل ٻڌايو تھ ھنن پير عمر جان سرھندي جي ھاءِ ڪورٽ مان گرفتاريءَ کان اڳ واري ضمانت ورتي ھئي، جيڪا پوري ٿيڻ بعد اڄ پير عمر جان عدالت ۾ سرينڊر ڪيو آھي، جتان سندس وڌيڪ 5 ڏينھن جي ضمانت منظور ڪئي وئي آھي ۽ ايندڙ ٻڌڻي 12 تاريخ تي رکي وئي آھي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي ضمانت منظور
ڪنري: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ جي 10 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت هڪ لک روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت جي درخواست منظور ڪئي، عدالت معطل ڪيل ايس ايس پي آصف رضا بلوچ 10 ڏينهن بعد واڳيل عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، اڳوڻو ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري روپوش آهن .
عمر جان سرهندي ۽ ٻيا گرفتار نه ٿيڻ پوليس تي سواليا نشان آهي: سنڌو نواز
ميرپورخاص: ڊاڪٽر شاھنواز قتل ڪيس جي عدالتي جاچ لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن تي ٻڌڻي دوران سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو عدالت ۾ موجود هئي، ان موقعي تي هن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته شاهنواز ڪنڀر واري معاملي کانپوءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر هن وقت تائين پير عمر جان سرهندي سميت ڊي آئي جي جاويد جسڪاڻي ۽ ٻنهي ايس ايس پيز کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، 13 اڪتوبر تي قاتلن جي گرفتاري ۽ جڊيشل انڪوائري لاءِ سنڌ رواداري مارچ ڪراچي ۾ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته عمر جان سرهندي سميت ڪجھه ماڻهو مختلف وقتن ۾ ڌمڪيون ڏيندا رهيا آهن پر پوليس گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش به ناهي ڪئي، هن سموري معاملي ۾ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جو ڪردار سواليا نشان آهي، هن چيو ته ڪراچي وارو مارچ ان وقت تائين جاري رهندو، جيستائين قاتل گرفتار نه ٿيندا.