شاهپور جهانيان پوليس ملھه پھلوان کي گوليون ھڻي ماري ڇڏيو، واقعو حادثو قرار، ڌرڻو

آگسٽ 9, 2024

مورو/دولتپور صفن (نمائندن وٽان) مورو ويجهو شاھپورجھانيان پوليس ملھه پھلوان علي گل سولنگي کي مبينا گوليون ھڻي ماري ڇڏيو، واقعي کي مقابلي دوران روڊ حادثو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر پاران گوليون لڳڻ سبب ملهه پهلوان جو موت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، ان ڏس ۾ خبر موجب شاهپور جهانيان پوليس ملهه پهلوان علي گل سولنگي کي اسپتال کڻائي آئي، جتي پوليس چيو ته جوابدار فرار ٿي رهيا هئا ته هڪ ڄڻو علي گل سولنگي ڪوچ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيو ويو، هوڏانهن وارثن ملهه پهلوان جو لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو، وارثن جو چوڻ آهي ته ملهه پھلوان علي گل سولنگي کي پوليس پويان گوليون ھڻي ماريو آھي، سندس ڀاءُ گم آھي، جڏهن ته موٽر سائيڪل پڻ گم آهي، ھنن چيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس ماريو آھي، هوڏانهن پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر نور محمد پنھيار جو چوڻ آهي ته ملهه پهلوان نوجوان کي پٺيان گولي لڳل آھي ۽ نازڪ عضوي ڀرسان پڻ ڌڪ جو نشان آھي، پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ٻن نامعلوم هٿياربندن جو پيڇو ڪندي کين النور شگر مل اسٽاپ وٽ سوگھو ڪيو، جتي مقابلي دوران ھڪ ڄڻي خوف وچان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس تيز رفتار ڪوچ ٽڪر هنيو، جنهن جي سڃاڻپ علي گل طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻيو جوابدار پوليس جي حراست ۾ آھي، مقتول ملهه پهلوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

هٿونگو پوليس حوالي ڪيل جوابدار هاف فراءِ، مقابلي جي دعويٰ

هٿونگو (ن پ ا) هٿونگو ۽ کپرو پوليس ٻڪرين چوري ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن مان هڪ کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعوا، هٿونگو ڀرسان ڳوٺ ٻانڌو هنچورجو مان ست ٻڪريون چوري ڪندي تگوسر واسين کي ڀاڳين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو، کپرو  پوليس جوابدار علي شير شر کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب ڍليار روڊ تي باغ رستي وٽ چيڪنگ لاءِ بيٺل هئاسين ته 3 موٽرسائ.يڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار علي شير شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته ارشاد شر گرفتاري ڏئي ڇڏي ۽ هڪ جوابدار فرار ٿي ويو.

وارهه ڀرسان سبزي کڻي ايندڙ واپارين کان ڦر، پوليس پاران هڪ ڦورو مارڻ جي دعويٰ

وارھ (رپورٽ: اياز چانڊيو) وارھ ڀرسان ماستر لاڙو کان سبزي کڻي ايندڙ مزدا کي روڪي واپاري امام علي مگسي ۽ ٻين کان موبائل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪندڙ هٿياربندن ۽ ماستر لاڙو چونڪي تي بيٺل پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو، ميرڻ ماڇي واسي هڪ ڄڻو 30 ورهين جو مريد حملاڻي چانڊيو مارجي ويو،  لاش پوليس  کڻائي وارھ  اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد سندس امڙ اميران حملاڻي چانڊيو حوالي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس مارجي ويل مريد حملاڻي سميت 3 اڻسڃاتلن مٿان سرڪاري فرياد تي  وارھ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او وارھ ٻڌايو ته لاڙڪاڻي کان سبزي کڻي ايندڙ گاڏي مٿان ڏوهارين فائرنگ ڪري ڦر ڪئي ، فائرنگ جي آواز تي پوليس جوابي فائرنگ ڪئي، مقابلي ۾ ميرڻ ماڇي واسي مريد حملاڻي چانڊيو مارجي ويو ۽ 3 ڏوهاري فرار ٿي ويا، هن چيو ته مارجي ويل جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي فرار ٿيل  باقي جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو

حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلا، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد شھر جي ٻن پوليس ٿاڻن جي حدن ۾ 2 الڳ الڳ مبينا پوليس مقابلن ۾ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. هڪ مقابلو ٽنڊي يوسف ۽ ٻيو مقابلو حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ ٿيا. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلو ڀٽي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي ٿيو جتي پوليس مطابق موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جوابدارن رڪجڻ بدران فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو. زخمي جوابدار جي سڃاڻپ رجب عرف رجو مگسي جي نالي سان ٿي جيڪو ٽنڊي ڄام جي علائقي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. ٻيو مقابلو حسين آباد ٿاڻي جي حد ۾ ميرن جي مشين بچاءُ بند ڀرسان لطيف آباد نمبر 4 ۾ ٿيو جتي پڻ موٽرسائيڪل تي سوار شڪي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جن پڻ مبينا طور پوليس تي فائرنگ ڪئي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو جنهن جي سڃاڻپ بابو لال جي نالي سان ٿي. سندس ساٿي فرار ٿي ويو. ٻنهي جوابدارن وٽان پوليس کي 2 پسٽل هٿ آيا آهن جڏهن ته کين علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد پوليس پاران ڏوڪڙ نه ملڻ تان کنڀيل نوجوان کي هاف فراءِ ڪرڻ جو انڪشاف: جاچ جو حڪم

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حيدرآباد پوليس کي رشوت نه ڏيڻ تان کنڀيل نوجوان کي مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪرڻ جو انڪشاف، عدالت ڊي آءِ جي ۽ ٻين کان 11 سيپٽمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، عدالت گم ٿيل وڌيڪ ٻن ڄڻن جي بازيابي لاءِ به جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت گم ٿيل نوجوان سان مبينه پوليس مقابلي تي حيرت جو پڻ اظهار ڪيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته حيدرآباد پوليس ممتاز سميت 3 ڄڻن کي سچل ٿاڻي جي حد مان حراست ۾ وٺي گم ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن بعد ايس ايچ او اياز ٻگهيو ۽ اي ايس آءِ خميسو گم ڪيل شهري جو واٽس ايپ تي وارثن سان رابطو ڪرايو، جنهن ۾ وارثن کي چيو ويو ته ممتاز جي بازيابي چاهيو ٿا ته 20 لک رپين جو بندوبست ڪيو, ڪجهه ڏينهن بعد 10 ۽ پوءِ وري 7 لک رپيا  گهر ڪيا ويا، وڪيل چيو ته وارثن پاران رقم ادا نه ڪرڻ تي  پوليس جعلي مقابلي ۾ ممتاز کي زخمي ڪري هميشه لاءِ معذور ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته شهري عرفان چنا ۽ منصف اڃا لاپتا آهن

Leave A Comment