ورڪشاپ کانپوءِ ڪنري ۾ به انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، اڻڄاتل جوابدارن ڏاچيءَ جا چارئي پير وڍي ڇڏيا
جُون 29, 2024
ورڪشاپ کانپوءِ ڪنري ۾ به انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو، اڻڄاتل وحشي جوابدارن ڏاچيءَ جا چارئي پير وڍي ڇڏيا، مورجنگهو وٽ چارئي پير ڪپيل ڏاچي روڊ تان مئل حالت ۾ هٿ، ڏاچيءَ جي مالڪ رشيد ڪپري چيو آهي ته ڏاچي ڪجهه عرصي کان بيمار هئي ۽ ولر سان گڏ ويل هئي، خبر نه آهي ته هن جا پير ڪنهن وڍيا، ڪنهن تي شڪ ظاهر نه ٿو ڪري سگهان، خبر نه آهي ته ڏاچيءَ جا پير مرڻ کان اڳ ڪٽيا ويا يا پوءِ ڪٽيا ويا، ڏاچيءَ جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر شروعاتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڏاچي جا مئل حالت ۾ پير ڪٽيا ويا آهن، ايس ايس پي عمرڪوٽ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته وحشياڻو عمل ڪندڙ جوابدارن کي جلد سوگهو ڪيو ويندو، ورڪشاپ ويجهو به ڪجهه ڏينهن اڳ فصل جي ڀيل تان جوابدارن ڏاچيءَ جي ڄنگهه وڍي ڇڏي هئي، زخمي ٿيل ڏاچيءَ کي ڪراچي جي شيلٽر هوم ۾ هٿرادو ڄنگهه لڳائي وئي آهي ۽ هوءَ صحتياب ٿي رهي آهي