شير افضل مروت پاران پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت سان گڏجي ڪم نه ڪرڻ جو اعلان
مَي 8, 2024
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پاران پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت سان گڏجي ڪم نه ڪرڻ جو اعلان، عمر ايوب ۽ شبلي فراز تي سنگين الزام، راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته مون پي ٽي آءِ جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وڌو هو، شبلي فراز ۽ عمر ايوب جي چوڻ تي جيل انتظاميا پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرڻ نه پئي ڏئي، پي ٽي آءِ باني کي گمراهه ڪيو ويو آهي، شير افضل مروت چيو ته سعودي سفير جي اعتراض تي پي اي سي چيئرمين جي نامزدگي ختم ڪري تذليل ڪئي وئي