شڪارپور پوليس بيوس: مقابلي ۾ جوابدار زخمي ڪندڙ اهلڪار تي 16 لک ڏنڊ، جان بچي وئي
آگسٽ 1, 2024
شڪارپور/ھمايون شريف (نمائندن وٽان) شڪارپور جي سلطان ڪوٽ پوليس پاران 5 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ ڳوٺ گلاب ڪيهر واسي وسُو عرف وسيم پٽ محمد حيات ڪيهر کي زخمي ڪيو هو، جنهن کي ساٿي واقعي واري هنڌ تان کڻي هئا، پوليس واقعي واري هنڌان هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري 4 ڏوهارين وسيم ڪيهر، صدرالدين ڪيهر، جهانگير ڪيهر ۽ مجاهد ڪيهر مٿان سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي ايس ايڇ او پير محمد بروهي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ھو،پوليس اھلڪار احسان جھلڻ جو چوڻ هو ته ڏوهاري موت مار ڌمڪيون ڏيندا هئا ۽ فيصلو ڪرڻ تي پڻ مجبور ڪيو ويو، ھن جو چيو ته ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ پير محمد بروهي، ڊي ايس سلطان ڪوٽ قمر الدين مزاري توڙي ان وقت جي ايس پي شڪارپور عرفان سمون منھنجي مسئلي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو، مايوس ٿي ڏوھارين کي فيصلو ڏيڻ تي مجبور ٿيس، ڏوهاري تصويرون سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري مونکي ۽ منهنجي فيملي کي موت مار ڌمڪيون ڏيندا ھئا.پولس اهلڪار احسان جهلڻ جو چوڻ هو ته پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي ماڻهن به ڏوهارين کي فيصلو ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڪيهر برادري جي ماڻھن اختر کونھارو ۽ پنهنجي مرشد درگاهه ٻڍل فقير جي گادي نشين ثناءُ الله مست مقيم وٽ فيصلو رکيو، جنهن بغير ڳالهيون ٻڌڻ جي ڏوهارين جي حق ۾ فتويٰ ڏيندي چيو ته اوهان ڏوهه جا ڏوهي آهيو، ڪيهر برادري ڏانهن لنگهي وڃي معافي وٺو ۽ مقابلي ۾ زخمي ٿيل وسيم ڪيهر کي 16 لک روپيا ڏنڊ ادا ڪيو، مون 2 لک رپيا موقعي تي ادا ڪيا، نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو.