شڪارپور: سندراڻي- بروهي تڪرار جو نبيرو، ڌرين تي 6 خون ثابت، هڪ ڪروڙ 90 لک ڏنڊ
سيپٽمبر 30, 2024
شڪارپور (رپورٽ: وحيد بروھي) شڪارپور ۾ سندراڻي- بروھي خوني تڪرار جو فيصلو اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ جي شڪارپور واري ھائوس تي ڪيو ويو، جرڳي جي سرپئنچي علي حيدر محمد حسني ۽ راشد سندراڻي ڪئي، جنھن ۾ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پڻ شرڪت ڪئي، فيصلي دوران ٻنھي ڌرين جي اميرن ۽ مشيرن جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد ٻنھي ڌرين مٿان 6 خون ۽ 2 زخمي ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور ھڪ ڪروڙ 90 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنھن ۾ ڳوٺ شادي خان واسي نور محمد سندراڻي ڌر مٿان 2 قتل ۽ ھڪ زخمي ثابت ٿيڻ تي 80 لک رپيا، جڏھن ته ڳوٺ عبدالرحمان بروھي واسي ڌر واحد بخش بروھي مٿان 4 خون ۽ ھڪ زخمي ثابت ٿيڻ تي ھڪ ڪروڙ ڏھ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي ۾ بروھي ڌر مٿان چار خون ۽ سندراڻي ڌر مٿان 2 خون ثابت ٿيا، شڪارپور ھائوس تي ڪيل فيصلي ۾ في خون بھا 25 لک رپيا جڏھن تي چڱي مڙس محمد بخش بروھي جي قتل جي خون بھا 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏھن ته جھيڙي ۾ واٽھڙو کي قتل ڪرڻ جي خون بھا 25 لک رپيا مقرر ڪئي وئي فيصلي ۾ معمولي زخمي پنج لک ۽ انتھائي زخمي جو ڏنڊ 10 لک رپيا مقرر ڪيو ويو، ياد رھي ته ٻنھي ڌرين ۾ 2 سال اڳ موٽر سائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي قتل تان خوني تڪرار شروع ٿيو ھو، جنھن ۾ ھڪ واٽھڙو سميت 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا ھئا، فيصلي بعد ٻنھي ڌرين ھڪٻئي کي موقعي تي ھڪ ھڪ لک رپيا ادا ڪيا باقي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي.