شير افضل مروت عمران خان سان ملاقات بعد پارٽيءَ سان اختلاف ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
آگسٽ 17, 2024
شير افضل مروت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات بعد پارٽيءَ سان اختلاف ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته اڄ ٽن مهينن بعد پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ٿي، مون هٿ ملايو ته پي ٽي آءِ باني ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، ملاقات دوران شڪايتن جي ٻطرفي ڏي وٺ ٿي، بئرسٽر گوهر جي آڏو 22 آگسٽ واري جلسي بابت مون کي ذميواري سونپي وئي آهي، بئرسٽر گوهر واضح پيغام ڏنو آهي ته پارٽي اختلاف نه ٿيندا، اڄ اسان کير کنڊ ٿي ويا آهيون، پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي پارٽيءَ سان اختلاف ختم ڪري رهيو آهيان، پارٽي اڳواڻن بابت ڏنل بيانن تي معذرت ڪيان ٿو، پارٽي مان مون کي رڳو باني ئي ڪڍي سگهي ٿو..