تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ارطغرل غازي “ميرا جسم ميري مرضي” نعري کي دفن ڪري ڇڏيو: وينا ملڪ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ ترڪ سيريز ارطغرل غازي جي واکاڻ ڪندي پاڪستاني شوبز انڊسٽري کي ان مان سبق سکڻ جي تجويز ڏني آهي. گذريل ڏينهن اداڪارا وينا ملڪ به سيريز جي مقبوليت بابت ڳالهايو. وينا ملڪ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ترڪ ڊرامو ارطغرل ترڪي کان وڌيڪ پاڪستان ۾ مقبول ٿي رهيو آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستاني عوام جي سوچ ۽ پسند اڄ به اسلامي روايتن موجب آهي. هن چيو ته ڊرامي جي مقبوليت “منهنجو جسم، منهنجي مرضي“ واري نعري کي دفن ڪري ڇڏيو آهي، انڊسٽري کي بچائڻو آهي ته اولهه ڪلچر کي ڇڏڻو پوندو.

Bookmark the permalink.