
لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور آمريڪي پاپ ڳائڻي، اداڪارا، ڊانسر، سماجي اڳواڻ ۽ پروڊيسور 38 ورهين جي برٽني اسپيئرز آمريڪي عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته هاڻي سندس والد کي سندس سرپرستي ڪرڻ کان روڪيو وڃي. برٽني اسپيئرز جي والد جيمي اسپيئرز 2008ع کان سندس قانوني سرپرست آهي. آمريڪي عدالت 2008ع ۾ برٽني اسپيئرز جي ذهني حالت خراب هجڻ سبب قانون تحت سندس والد ۽ هڪ وڪيل کي سندس سرپرست مقرر ڪيو هو. عدالت ڳائڻي لاءِ قانون سرپرستن جي تقريري ان وقت ڪئي هئي جڏهن عدالت ڏٺو هو ته برٽني اسپيئرز پنهنجي مالي ۽ جسماني سميت ٻيا معاملا پاڻ نٿي سنڀالي سگهي ۽ ذهني حالت خراب ٿيڻ سبب هو پنهنجو چڱو ۽ برو نٿي سمجهي سگهي.