تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

بنا واسطي جي شوبز ۾ ايندڙ فنڪارائون ڏک ڏسن ٿيون: اشنا شاهه

منهنجي گهراڻي جا ماڻهو شوبز ۾ هئا، مان خوش قسمت آهيان جو وڌيڪ ڏکيائيون نه ڏٺيون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا اشنا شاهه پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ لاڳو غير منصفاڻي رويي تي ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان جي انڊسٽري ۾ اداڪارائن کي اداڪارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ معاوضو ملي ٿو. اشنا شاهه تازو انٽرويو ڏيندي چيو ته پاڪستان شوبز انڊسٽري ۾ هيروز گهٽ آهن ڇو ته هن فيلڊ ۾ ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون وڌيڪ اچن ٿيون جڏهن ته مرد اداڪارن جو ڪم اداڪارائن کان گهٽ هوندو آهي مثال جي طور تي جيڪڏهن ڪنهن ڊرامي ۾ ڪنهن ڇوڪري جا 400 سينز آهن ته ان جي ڀيٽ ۾ نوجوان جا 300 سينز هوندا آهن. اصل م ڊرامي جي ڪهاڻي ئي عورت جي چوڌاري گهمي رهي هوندي آهي ان لاءِ ڊرامي ۾ ڪم به ڇوڪري جو وڌيڪ هوندو آهي پر ان باوجود مرد اداڪارن کي عورتن کان وڌيڪ معاضو وڏنو وڃي ٿو جيڪو غير منصفاڻو آهي. اشنا شاهه چيو ته اداڪارائون سيٽ تي جلدي اچن ٿيون، وڌيڪ محنت ڪن ٿيون، ڊرامي ۾ اداڪارائون سڀ کان وڌيڪ روئين ٿيون ۽ اهو سولو ناهي. اشنا شاهه شوبز جي فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن سان پيش ايندڙ ڏکيائين بابت چيو ته اهي ڇوڪرين جن جو واسطو شوبز انڊسٽري سان ناهي هوندو جڏهن هو هن فيلڊ ۾ اچن ٿيون ته کين سڀني ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون جن جو واسطو شوبز گهراڻي سان هوندو آهي. هتي ڪيترين ئي ڇوڪرين جو استحصال به ڪيو وڃي ٿو. اداڪارا اشنا شاهه پنهنجو مثال ڏيندي چيو ته سندس ڪٽنب جا ڪيترائي ماڻهو پهريان شوبز ۾ هئا پر کيس هن فيلڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ وڌيڪ ڏکيائي پيش نه آئي ان لاءِ هو پاڻ کي خوش قسمتي سمجهي ٿي.

Bookmark the permalink.