
ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري کان عارضي ڌار ٿيندڙ حمزا علي عباسي ۽ سندس ڀيڻ فضيله عباسي جي حمزا عباسي جي پٽ مصطفيٰ سان وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا سائيٽ انسٽاگرام تي حمزا علي عباسي جي زال پيءُ پٽ جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ماسڪ پهريل حمزا علي عباسي پٽ کي جهولي ۾ کڻي ويٺل آهي. ٻئي پاسي حمزا جي ڀيڻ ڊاڪٽر فضيله عباسي به مصطفيٰ کي کڻي مختلف وڊيوز شيئر ڪيون جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو مصطفيٰ سان وقت گذارڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿي.