تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

دپيڪا، سارا ۽ شرڌا پاران منشيات بابت ڳالهه ٻولهه جو اعتراف

ديپيڪا ۽ سندس مينيجر، سارا علي ۽ شرڌا ڪپور کان ڪلاڪن تائين ڌار ڌار پڇا ڳاڇا ڪئي وئي

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارت جي منشيات جي خاتمي بابت فورس نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو طرفان سشانت سنگهه راجپوت جي موت بابت جاچ ۾ گرفتار ڪيل اداڪارا ريا چڪربورتي جي انڪشافن ۽ اعتراف کانپوءِ دپيڪا پڊوڪون، سارا علي خان ۽ شرڌا ڪپور اين سي بي ۾ پيش ٿيون ۽ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب پوليس عهديدار چيو آهي ته دپيڪا پڊوڪون ممبئي جي ڏاکڻي علائقي ڪولابا ۾ واقع اين سي بي گيسٽ هائوس پهتي هئي ۽ 6 ڪلاڪن کانپوءِ واپس رواني ٿي. رپورٽ موجب اداڪارا جي مينيجر ڪرشما پرڪاش اڳ ۽ پوءِ دپيڪا پڊوڪون گيسٽ هائوس مان باهر آيون ۽ ٻئي ڌار ڌار گاڏين ۾ واپس ويون. اداڪارا شرڌا ڪپور ٻنهي کانپوءِ پهتي جنهن کان 5 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جڏهن ته سارا علي خان اين سي بي جي زونل آفيس پهتي جتي هو 4 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا کانپوءِ واپس رواني ٿي. اين سي بي جي پنج رڪني پينل دپيڪا پڊوڪون کان جاچ ڪئي هئي ۽ پڇا ڳاڇا دوران موبائيل فون استعمال ڪرڻ کان روڪيو هو. رپورٽ موجب دپيڪا 2017ع ۾ منشيات بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه جو اعتراض ڪيو جڏهن ته اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته هن منشيات استعمال ڪرڻ بابت اعتراف ڪيو يا نه. اين سي بي عملدار دپيڪا ۽ سندس مينيجر جي بيانن مان مطمئن نه ٿيا ۽ ٻنهي کي ٻيهر طلب ڪري سگهجي ٿو. اداڪارا سارا علي خان ۽ شرڌا ڪپور منشيات بابت الزام رد ڪيا. رپورٽ موجب هنن پڇا ڳاڇا دوران منشيات استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته سشانت سنگهه جي پوانا گيسٽ هائوس ۾ پارٽي ۾ شرڪت جو اعتراف ڪيو. شرڌا جيا سها سان منشات بابت ڳالهه ٻولهه جو اعتراف ڪيو پر هو خريداري ۽ استعمال جي حوالي سان چپ رهي. هن ٻڌايو ته سشانت سنگهه راجپوت وينيٽي وين ۾ ڊرگز وٺندو هو. ٻنهي اداڪارائن چيٽس ۽ ثبوتن جو اعتراف ڪيو.

Bookmark the permalink.