تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

سشانت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم بابت نوان انڪشاف

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آپگهات ڪندڙ بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي زندگي تي ٺهندڙ فلم جي رليز بابت فلم جي هيرو حسن خان ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن. اداڪار حسن خان کان جڏهن فلم کي اميزون پرائم تي رليز ڪرڻ جي حوالي سان پڇيو ويو ته هن چيو ته فلم شروعات ۾ اميزون پرائم تي ئي رليز ٿيڻي هئي پر جڏهن اها خبر وائرل ٿي ته سشانت راجپوت جي مداحن طرفان مٿن تنقيد ڪئي وئي جنهن سبب اميزون پرائيم هن فلم کي رليز نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽هن پراجيڪٽ تان پوئتي هٽي ويو. هاڻي هي فلم پروڊيوسر جي پنهنجي چينل ام پرفيڪٽ موويز تي رليز ڪئي ويندي. ياد رهي ته حسن خان سشانت ۽ پنهنجي هڪ جهڙائي رکندڙ تصوير شيئر ڪئي هئي.

Bookmark the permalink.