تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

شاهد ڪپور جو نيٽ فليڪس سان 100 ڪروڙ جو معاهدو

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس سان 100 ڪروڙ ڀارتي روپين جي ڊيل سائن ڪئي. عالمي وبا ڪورونا سبب سموري دنيا ۾ شوبز انڊسٽري کي به شديد نقصان پهتو آهي ۽ حفاظتي قدمن کي نظر ۾ رکندي سموري دنيا جا سينيما هالز به بند آهن. سينيما هالز بند هجڻ ڪري ڪيترائي پروڊيوسر ڊجيٽل پليٽ فارمز طرف ڌيان ڏيڻ لڳا آهن ۽ آن لائن اسٽريمنگ سائنس تي فلمي ۽ ويب سيريز رليز ڪري رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شاهد ڪپور طرفان نيٽ فلڪس سان ڪيل 100 ڪروڙ روپين جي ڊيل ۾ نيٽ فليڪس جا ڪيترائي پروجيڪٽ شامل آهن ۽ هاڻ شاهد ڪپور باليووڊ جي ٻين ادڪارن وانگي پنهنجو ڊجيٽل ڊيبيو ڏيندو.
باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور مشهور آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس تي فلم ۽ سيريز ڪندو جنهن ۾ فڪشن سيريز به شامل آهي.

Bookmark the permalink.