
ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان عورتن ۽ بارن سان جنسي هراساني ۽ تشدد خلاف ڪامن ويلٿ جي ٽيم سان نومور مهم جو حصو بڻجي وئي. ماهرا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي گذريل ڏينهن هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي حوالي سان ڪامن ويلٿ جي ٽيم جو حصو بڻجڻ جي خبر شيئر ڪندي چيو ته مون کي ڪامن ويلٿ سان نومور مهم ۾ شامل ٿيڻ تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي جنسي هراساني، گهريلو تشدد وڌيڪ نه. دنيا ۾ هر ٽن مان هڪ عورت انهن مسئلن جو نشانو بڻجي ٿي. اسانس ڀني کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ انهن مسئلن خلاف بيهڻو پوندو. ماهرا خان چيو ته ڪووڊ 19 وبا سبب ٿيل لاڪ ڊائون ۾ اهي مسئلا وڌيڪ خراب ٿي ويا آهن ۽ اسان لاڪ ڊائون دوران تشدد جي هنن واقعن ۾ واڌ ڏٺي آهي. اسان سڀ صحيح ڪري سگهون ٿا ۽ اسان کي ڪرڻ گهرجي. هڪ ڊگهي وقت تائين اسان جو معاشرو هنن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ نه ورتا آهن. مهرباني ڪري اسان جو ساٿ ڏيو، هن مسئلي تي کليل نموني ڳالهايو.