تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

هالي ووڊ اداڪارا ايما اسٽون شادي ڪري ورتي؟

ايما اسٽون ۽ ڊيو ميڪري هلندڙ مهيني شادي ڪئي آهي: ذريعا

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) خبرون آهن ته خاموشي سان مڱڻو ڪرڻ هڪ سال کانپوءِ آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ 31 ورهين جي ايما اسٽون خاموشي سان شادي به ڪري ورتي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ايما اسٽون ۽ ڊيو ميڪري جي شادي جا افواهه گذريل مهيني 11 سيپٽمبر کان جاري هئا ۽ هاڻي ٻنهي کي هڪ جهڙيون منڊيون پهريل ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته ٻنهي شادي ڪري ورتي آهي. رپورٽ ۾ هدايتڪار ڊيو ميڪري جي ويجهن ذريعن حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ٻنهي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ سادگي سان شادي ڪئي هئي. رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي ته ايما اسٽون شادي جي افواهن بابت ڪو جواب ناهي ڏنو پر ڊيو ميڪري جي ويجهن ذريعن شادي بابت تصديق ڪئي آهي.

Bookmark the permalink.