ڪراچي (دلچسپ نيوز) عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا جا اڻ ڳڻيا معاملا تبديل ٿي چڪا آهن جن ۾ هاڻي ماڻهو ٻاهر نڪرندي احتياط ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻئي کان وٿي به اختيار ڪري رهيا آهن. ڪورونا وائرس دوران سڄي دنيا ۾ ريسٽورينٽ ۾ به تبديليون ڪيون ويون آهن جڏهن ته بالڪوني ڪنسرٽس، ڊرائيو ٿرو سينما ۽ آن لائن شادين جون به خبرون سامهون آيون. پر هاڻي جاپان ۾ دنيا جو پهريون ڊرائيو ٿرو ڀوت بنگلو ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ اوهان کي ڀوت به سماجي وٿي جو خيال رکندي ڊيڄاريندا. ڊرائيو ٿرو ڀوت بنگلي جو خيال پيش ڪندڙ ڪمپني موجب هن ڀوت بنگلي جو مزو وٺندڙ شخص کي پنهنجي گاڏي مان نڪرڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته گاڏين جا شيشا به بند هوندا ته جيئن وائرس جو خدشو نه هجي.
- شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل
ڪراچي (بيورو رپورٽ) شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جِي نياڻي بختاور ڀٽو جِي شادي جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل، بختاور ڀٽو جِي شادي تقريبن جو…
- مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه
عمرڪوٽ (رپورٽر) مان چيو ئِي ناهي ته مخالفن کي جوتا هڻنداسين ۽ نه ئي ڪنهن سياسي ماڻهو جو نالو کنيو هو: صوبائي وزير سردار شاهه وضاحت ڪندي چيو آهي ته…
- اسان ڄاڻون ٿا ته غير جمهوري قوتن کي ڪيئن سياست مان ڪڍڻو آهي: بلاول
لاڙڪاڻو (رپورٽر نادر ابڙو) حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ جمهوري ۽ آئيني طريقو بَي اعتمادي وارِي رٿ آهي، پنهنجن اتحادين کي اُن آپشن تي مڃائينداسين: پ پ چيئرمين بلاول…