تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

پهريون ڀيرو ڪاري نسل جي ٿلهي عورت ووگ جي زينت بڻجي وئي

ووگ ميگزين جي85سالن جي تاريخ۾پهريون ڀيروڪاري نسل جي ٿلهي عورت کي شامل ڪيوويو

لاس اينجلس (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) دنيا جي مشهور فيشن ميگزين ووگ پنهنجي 85 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ڪاري نسل جي ٿلهي عورت کي سرورق جي زينت بڻائي انوکو اعزاز پنهنجي نانءِ ڪيو آهي. ووگ ميگزين جي فيشن جي حوالي سان سڀ کان معتبر ميگزين جو درجو هاصل آهي. هن ميگزين کي 1916ع ۾ لنڊن مان شروع ڪيو ويو هو تنهن کانپوءِ هن ميگزين جي آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ به شروعات ڪئي وئي. ووگ ميگزين تي هميشه تنقيد ڪئي ويندي رهي آهي ته هو اڇي نسل، جسماني طور تي پرڪشش، سنهڙين عورتن کي سرورق تي جاءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هن ميگزين تي ملازمن جي حوالي سان به صنفي اڻ برابري جا الزام لڳندا رهيا آهن. ميگزين انتظاميا جي اعليٰ عهدن تي رڳو عورتون ۽ اهي به اڇي نسل جون ۽ پرڪشش نظر ايندڙ عورتن کي مقرر ڪرڻ جهڙا الزام به ميگزين تي لڳندا رهيا آهن ۽ هاڻي تنقيد کانپوءِ ميگزين گذريل ڪجهه سالن ۾ وڏيون تبديليون ڪيون آهن. هاڻي پيرسن، سنهڙن ۽ ڪاري نسل جي عورتن کي به ميگزين جي سرورق جي سينت بڻائڻ شروع ڪيو ويو آهي. ووگ ميگزين جي آڪٽوبر جي شماري لاءِ 32 ورهين جي آمريڪي ڳائڻي ليزو کي چونڊيو ويو آهي جيڪا گذريل 85 سالن ۾ پهرين ٿلهي ۽ ڪاري نسل جي عورت آهي جنهن کي ووگ ميگزين جي زينت بڻايو ويو آهي.

Bookmark the permalink.