تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

ڪورونا سبب سينيمائن ۾ نمائش نه ٿيندڙ فلمون به آسڪر جي ڊوڙ ۾ شامل، اصول تبديل

لاس اينجلس (شوبز نيوز) ڪورونا وائرس سبب ايندڙ سال 2021 واري آسڪر ايوارڊ ۾ اصول ۽ ضابطه ۾ هڪ سال جي لاءِ تبديلي ڪندي آسڪر ايوارڊ جي لاءِ سائونڊ مڪسنگ ۽ سائونڊ ايڊيٽنگ جي ڪيٽيگريز کي ضم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب روايتي طور تي اڪيڊيمي آف موشن پڪچرز آرٽس اينڊ سائنسز صرف اهڙين فلمن کي آسڪر ايوارڊ جي مقابلي جي لاءِ اهل سمجهي ٿي جن جي نمائش لاس اينجلس جي سينيما گهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڏينهن تائين ٿي چڪي هجي پر ڪورونا وائرس سبب 2021 جي لاءِ آسڪرايوارڊ ۾ سينيمائن ۾ ريليز نه ٿيندڙ فلمون به شامل هونديون، واضع رهي ته اڪيڊمي پاران ڪيل اعلان ۾ چيو ويو ته ايندڙ سال 93هين ايوارڊ جي لاءِ اهڙيون فلمون به اهل هونديون جن جي نمائش سنيما گهرن ۾ اڳ ۾ طئي ٿيل هئي پر ڪورونا وائرس سبب نمائش نه ٿي سگهي آهي اڪيڊمي جي صدر ڊيوڊ روبن ۽ سي اي او ڊان هڊسن چيو آهي ته قانوني وقت طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي سينيما گهرن جي ٻيهر بحالي بعد سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪرڻ وارو شرط لاڳو هوندو،

Bookmark the permalink.