سنڌ جي 1812 جاري اسڪيمن جو معيار چڪاسڻ ۽ 5 لک سولر پينل ورهائڻ جو حڪم
جُولاءِ 24, 2024
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پلاننگ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته 30 جون 2025ع تائين 1812 جاري اسڪيمون مڪمل ٿيڻ گھرجن، جڏهن ته پلاننگ کاتو هلندڙ اسڪيمن جي معيار جي چڪاس لاءِ انسپيڪشن کي يقيني بڻائي
ڪالهه ان حوالي سان توانائي ۽ پلاننگ کاتي جي وزير ناصر شاھ سان ملاقات ۾ وڏي وزير چيو ته سموريون اسڪيمون معياري هجڻ سان گڏ وقت سِر مڪمل ٿيڻ گھرجن ته جيئن عوام کي انهن جو لاڀ حاصل ٿي سگھي
وڏي وزير چيو ته سنڌ جا 5 لک گھراڻا بجلي کان محروم آهن، جن کي سولر سسٽم مهيا ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ 5 ارب روپيا رکيا ويا آهن توانائي کاتو سولر پينلن جي ورڇ لاءِ منصوبو جوڙي وزيراعليٰ هائوس موڪلي، جنهن جي جلد منظوري ڏني ويندي
صوبائي وزير ناصر شاھ چيو ته سولر پينلن بابت سمري جلد ڪابينا کي موڪلي ويندي، جڏهن ته سمورين هلندڙ اسڪيمن جي انسپيڪشن رپورٽ پڻ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي اماڻي ويندي.