سنڌ جي 3200 ارب جي بجيٽ اڄ پيش: پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ: نوان ترقياتي منصوبا غائب!
جُون 14, 2024
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، 3200 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ِ اڄ صبح جو سنڌ ڪابينا کان منظوري ورتي ويندي. نئين مالي سال جي بجيٽ مان نوان ترقياتي منصوبا غائب! رڳو هلندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ بجيٽ مختص ڪئي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ صبح 9 وڳي سنڌ ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ٽپهري جو سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب ته سنڌ ۾ غيرترقياتي بجيٽ 1850 ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ جو ڪاٿو 950 ارب کان وڌيڪ جو لڳايو ويندو. ذريعن موجب ته ملازمن جي پگھارن لاءِ 725 ارب ۽ پينشن جي مد ۾ سالياني بجيٽ ۾ 260 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم کاتي ۾ هلندڙ 875 ترقياتي منصوبن لاءِ 32 ارب 15 ڪروڙ، صحت کاتي جي 210 هلندڙ ترقياتي منصوبن لاءِ 17 ارب، پبلڪ هيلٿ کاتي جي 470 هلندڙ منصوبن لاءِ رڳو 23 ارب روپيا رکيا ويندا. ذريعن موجب ته نئين بجيٽ ڪو وڏو نئون ترقياتي منصوبو شامل نه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ته رڳو مختلف کاتن جي هلندڙ 4 هزار کان وڌيڪ ترقياتي منصوبن لاءِ 300 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي ويندي. ذريعن موجب ته صوبائي ۽ ضلعي اي ڊي پيز لاءِ 500 ارب رپين کان وڌيڪ رقم رکي ويندي. سنڌ ۾ سراڪري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جا امڪان آهن