سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: ڪيترائي گهر پٽ، روڊ رستا تلاءَ: حادثن ۽ واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت

آگسٽ 19, 2024

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، گهرن جون  ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ، وڄ ڪرڻ ۽ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ پٽ سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، بلوچستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي وهڪرن ريلوي جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو، ريلوي عملدارن مطابق تازين چوماسي برساتن سبب سبي هرنائي ريلوي سيڪشن 21 جولاءِ کان بند پيل آهي، ان سيڪشن جي نئين سر تعمير تي ريلوي هڪ سال اڳ لڳ ڀڳ 4 ارب رپيا خرچ ڪيا هئا، ڪوئيٽا تفتان ريلوي سيڪشن تي ٻوڏ جي پاڻي نوشڪي ويجهو ٽريڪ کي لوڙهي ڇڏيو، ريلوي لائين تي گهارو پوڻ سبب ٽرينن جي آمدرفت معطل ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ڪوئيٽا چمن ريلوي سيڪشن تي ريلوي پٽڙي ڪيترن هنڌن تان لڙهي وئي آهي، جنهن سبب ڪوئيٽا چمن ٽرين سروس کي معطل ڪيو ويو آهي، هن وقت ڪوئيٽا ڊويزن ۾ رڳو هڪ ٽرين جعفر ايڪسپريس آهي، جيڪا پشاور لاءِ هلائي پئي وڃي، شڪارپور ويجھو حاجاڻا ڳوٺ ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورھيت نوجوان واحد بخش پٽ ڌڻي بخش بروھي فوت ٿي ويو، نوجوان پنھنجي زمين تي رونبو ڪري رھيو ھو ته مٿس وڄ ڪري پئي، دوداپور ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا، منگي پاڙي ۾ گھر جي ڇت ڪِرڻ سبب 30ورھين جو مکڻون منگي ۽ سندس پيرسن امڙ ميھر خاتون منگي دٻجي فوت ٿي وئي، ھڪ ڄڻو صدر الدين منگي زخمي ٿي پيو، ھڪ ئي گھر مان 2 ڄڻن جا لاش کڄڻ تي ڪھرام مچي ويو، گاجي کهاوڙ ڀرسان يوسي  حمل جي ڳوٺ سوائي چانڊيو ۾ تيز برسات دوران پورهيت علي نواز چانڊيو جي گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 16 ورهين ناري نويدان چانڊيو دٻجي فوت ٿي وئي، جڏھن ته گهرڀاتي علي نواز چانڊيو سميت 8گهرڀاتي زخمي ٿي پيا، موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ۾ برسات سبب اٽي جي چڪيءَ جي ڇت ڪرڻ سبب 55ورهين جو چوڪيدار ساماڻو ٻگهيو فوت ٿي ويو، جڏهن ته تيز برسات سبب قديمي ماڳ ۾ پاڻي بيهڻ ڪري آثارن کي شديد نقصان پهتو .باقراڻي ۾ تيز برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو دٻجي فوت ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيو، ڳوٺ انب شيخ ۾ تيز برسات  دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 35ورهين جو پورهيت ارباب شيخ دٻجي فوت ٿي ويو  ۽ سندس 14ورهين جو پٽ اسد شيخ زخمي ٿي پيو .بڊاڻي ۾ ٻن ڏينهن کان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڳوٺ بلند ڀٽو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 35 ورهين جي اميران خاتون فوت ٿي وئي، جڏهن ته 13 ورهين جي نينگري جميلان، 10 ورهين جي نينگري وزيران، 4 ورهين جي شبيران ۽ 8 ورهين جو نينگر وزير احمد ڀٽو  زخمي ٿي پيو . نصيرآباد ۾ برسات دوران ڪاٺيا بازار محلي ۾ وريام سومري جو گھر ڪرڻ جي نتيجي ۾ وزيران خاتون، صاحب خاتون ۽ نينگري صبا دٻجي زخمي ٿي پيون . سجاول جوڻيجو ۾ برسات دوران گهر ڪرڻ سبب محبوب اوڏ ۽ سندس 2 ٻارڙا دٻجي زخمي ٿي پيا، نصيرآباد، ميروخان، ڳيريلو، تنگواڻي، باھو کوسو، بهرام، ڳڙهي خيرو ۽ وارھه ۾ برسات بعد روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ طوفاني برساتن سبب تباهي مچائي ڇڏي، ڇتيون، ڀتيون، ڇاپرا ۽ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب مختلف واقعن ۾ 2 نينگرن سميت 3 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڳوٺ رحيم بخش بگٽي ۾ رات جي وقت هلندڙ طوفاني برسات سبب مينهن جي واڙي جي ڇت ڌماڪي سان ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو اياز بگٽي دٻجي تڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته مظفر بگٽي ۽ خالد بگٽي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻئي پاسي لاڙڪاڻي شهر جي باقراڻي روڊ واري علائقي ۾ 9 ورهين جو نينگر مدثر حسين پٽ فياض حسين سرهيو هلندڙ برسات دوران بجليءَ تي هلندڙ پاڻي جو موٽر هلائڻ دوران بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي نينگر زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ يار محمد ڪالوني جي گهٽين ۾ برسات جو پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيهجي وڃڻ ڪري 11 ورهين جو نينگر جواد پٽ جاويد علي چانڊيو برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي بيهوش ٿي ويو جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي نينگر دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. باقراڻي شهر جي قطب ڪالوني ۾ گهر اندر پاڻيءَ واري موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 13 ورهين جو عمير علي راجپوت فوت ٿي ويو، قمبر شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات سبب شهر جا روڊ رستا بازارون ۽ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي جي هيٺ اچي ويا.  جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل 36 ڪلاڪن کان برسات  سبب شهر جا روڊ رستا تلاءَ بڻجي ويا، ڪيترائي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته 24ڪلاڪن کان بجلي به بند آهي. ڪنڌڪوٽ شھر ۽ ڀرپاسي ٻن ڏينهن کان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، شھر جي اڪثر روڊن رستن تي پاڻي بيھجي ويو، شھدادڪوٽ شھر سميت قبو سعيد خان، ڪچي پل، امام بخش جمالي، بگو دڙو، ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات بعد روڊ رستا مڪمل طور تي پاڻي ھيٺ اچي ويا، سکر جي المدينه ڪالوني ۾ پوليس اهلڪار قادر بخش سومرو جو اڍائي ورهين جو پوٽو يونس سومرو برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، چونا بٺا واري علائقي ۾ 3 گهر ڊهي پٽ ٿيڻ جي نتيجي 6 گهر ڀاتي زخمي ٿي پيا، موچي بازار ۾ گهر ڪرڻ سبب پيرسن عورت ۽ مرد زخمي ٿي پيا، سول اسپتال جي مختلف وارڊن جي ڇتين جا چاپڙ ڪري پيا، مريضن ۾ خوف هراس ڦهلجي ويو، قاضي احمد ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چوماسي جي برساتن بعد ھيٺياهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ٻئي پاسي ڳوٺ حصو کوسو ۾ گهر اندر ڪتر جي مشين مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان غلام مرتضيٰ کوسو فوت ٿي ويو، ڪنڊيارو ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، شھر جي مختلف پاڙن ۾ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ جا واقعا ٿيا، ڪولاب جيئل ۾ مسلسل پوندڙ برسات سبب پاڻي شھر جي رستن تي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو،  خيرپور ۾ ٻن ڏينهن کان برسات سبب شهر جا روڊ رستا برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا، برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، کجيءَ جي فصل کي ڪاپاري نقصان رسيو آهي، پريالوءِ ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڳوٺ کولر عباسي واسي زبير عباسي جو گهر ڪرڻ سبب زبير عباسي سندس ماءُ اميران خاتون ۽ ڀيڻ صبا عباسي دٻجي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڳوٺ عبدالرحمان ناريجو ۾ عبدالحفيط ناريجو ۽ پورهيت صدام حسين ناريجو جا گھر ڪري پٽ پئجي ويا. ٺري ميرواهه ۾ ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات سبب هيٺائين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ڳوٺ کبڙ جوڳي ۾ ڳوٺاڻي ڪليم الله جوڳي جي گهر جي ڇت ڪري پئي، گمبٽ ۾ 14 ڪلاڪن جي برسات شهر کي ٻوڙي ڇڏيو، شه جي اڪثر محلن، روڊن رستن تي برساتي پاڻي تلائن وانگر بيهجي ويو، بجلي بند هئڻ ڪري شهرين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏنو، مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ٺٽ ڳوراهو، دليپوٽا ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، ڪنري ۾ برسات انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي، روڊ رستن تي پاڻيءَ جا تلاءَ ٺهي ويا، پيرڳوٺ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، شهر جي روڊن سميت مختلف پاڙن سالار پاڙو، ڪلري پاڙي، محب علي چوڪ، ڪچي آبادي، ڪوٽ دينل شاھ ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، ڦل شهر ۽ آسپاس مسلسل برسات جاري رهي، سلطانپور ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٽن ڏينهن کان هلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ميهڙ، فريدآباد، واهي پانڌي، ڀٽ شاهه، ٽنڊو الهيار، دولتپور صفن علي آباد، ڪريم آباد، نواب ولي محمد، شاهپور جھانيان ۽ ڀرپاسي برسات پئي، ڀرياسٽي ۽ آس پاس ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري رھندڙ برسات سبب ھيٺاھين وارن علائقن ۾ 3  فوٽ پاڻي بيھجي ويو، جڏهن ته بجلي جو نظام درھم برھم ٿي ويو،ڪنب، ڪوٽڏيجي، بوزدار وڏا، ٽالپر وڏا، سنگرار، روهڙي، ڪنڌرا، ڦل، لاکاروڊ، دريا خان مري ۽ ڀرپاسي ٻن ڏينھن کان مسلسل ھلندڙ برسات تباھي مڇائي ڇڏي، سيوهڻ ۽ ڀرپاسي پڻ برسات جاري رهي، جنهن سبب مختلف هنڌن تي پاڻي جمع ٿي ويو، دادو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ برسات جاري رهي، جنهن سبب مختلف هنڌن تي پاڻيءَ جو تلاءِ بڻجي ويا، هالا ۽ ڀرپاسي پڻ برسات جو سلسلو جاري رهيو.

Leave A Comment