سنڌ اسيمبلي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو
سيپٽمبر 9, 2024
سنڌ اسيمبلي ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، نثار کهڙو پاران پيش ڪيل ٺهراءُ جي پ پ ميمبرز اُٿي حمايت ڪئي، متحده ميمبرز ٺهراءُ جي حمايت ڪئي پر سيٽن تان نه اُٿيا، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته ارسا ايڪٽ ۽ پاڻي معاهدي ۾ امڪاني ترميم سنڌ جي عوام کي قبول ناهي، ٺهراءُ تي بحث دوران آبپاشي وزير ڄام خان شورو خطاب ۾ چيو ته پاڻي معاهدي ۾ ڪٿي به فيڊرل ميمبر جو ذڪر ناهي، ارسا جو هڪ ئي ڪم آهي ته پاڻي جي معاهدي تي عمل ڪرائي، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي، ايڪٽ ۾ ڪاما يا فُل اسٽاپ جي به تبديلي ٿي ته اُن جا ناڪاري اثر نڪرندا، صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته پاڻي وفاقي نه، پر صوبائي سبجيڪٽ آهي، اسان 91ع واري معاهدي کي به مجبوري ۾ مڃيو هو، هاڻي وري وفاقي سرڪار کي خيال آيو آهي ته ارسا چيئرمين 21هين گريڊ جو آفيسر هجي، ارسا ايڪٽ چئن صوبن وچ ۾ معاهدو آهي، پاڪستان چئن صوبن جي مرضي کانسواءِ نٿو هلي سگهي، جماعت اسلامي جي ميمبر فاروق احمد ايجنڊا ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، نثار کهڙو چيو ته پاڻي اسان جي زندگي آهي توهان ان جي مخالفت ڪيئن ٿا ڪيو؟ پاڻيءَ تي جنگيون به لڳنديون آهن، اسان جو ساٿ ڏيو