سنڌ اسيمبلي بهارين کي پاڪستان گهرائڻ وارو ايم ڪيو ايم جو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو

جُون 11, 2024

..سنڌ اسيمبلي بهارين کي پاڪستان گهرائڻ وارو ايم ڪيو ايم جو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي اعجاز الحق ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته بنگلاديش ۾ ڦاٿل لکين ماڻهو پاڪستاني آهن، هنن اڃا تائين بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو آهي، سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪندي وفاق کان بهارين جي واپسيءَ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري، صوبائي وزير ضياءَ لنجار ٺهراءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته هي وفاقي معاملو آهي، ايم ڪيو ايم جا سينيئر دوست قومي اسيمبلي ۾ ويٺا آهن اهي تي معاملو اٿارين، صوبائي وزير جي مخالفت بعد اسپيڪر اويس قادر ايم ڪيو ايم جي ٺهراءَ تي ووٽنگ ڪرائي، ايوان اڪثريت سان ايم ڪيو ايم جو ٺهراءُ رد ڪري ڇڏيو، اسپيڪر ايم ڪيو ايم جو ٺهراءُ رد ٿيڻ جي رولنگ جاري ڪئي

Leave A Comment