سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي پوليس جي لٺبازي، تشدد ۽ گرفتاريون
فيبروري 24, 2024
سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻڻ لاءِ پهتل جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي پوليس جي لٺبازي، تشدد ۽ گرفتاريون، عورتن کي وارن کان گهلي گاڏين ۾ ويهاريو ويو، جي ڊي اي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي واري اعلان سبب سنڌ اسيمبلي ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي بند ڪيا ويا، قومي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪن رنڊڪون ٽوڙي سنڌ اسيمبلي پهتا ته کين گرفتار ڪيو ويو، عورتن سميت گرفتار ڪيل 150 ڄڻن کي آرٽلري ٿاڻي ۽ ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، گرفتار ڪيلن ۾ مظهر راهوجو، زينت سمون، نصرت خاصخيلي ۽ ٻيا شامل، جي ڊي اي اڳواڻن اياز لطيف پليجو، صفدر عباسي ۽ زين شاهه پاران گرفتارين جي مذمت، صفدر عباسي ۽ زين شاهه چيو ته جي ڊي اي جو احتجاج روڪڻ لاءِ سڄو ڪراچي سيل ڪيو ويو آهي، جي ڊي اي، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ ٻين جماعتن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا