ڌارين کي نيڪالي ڏيو: سنڌ اسيمبلي مان رٿ منظور: بنگالي ۽ بهاري مهاجر مامري تان هنگامو: لفظ خارج

سيپٽمبر 3, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ اسيمبلي سنڌ مان غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري رٿ منظور ڪندي گھُر ڪئي آهي ته صوبو اڳ ۾ ئي معاشي صورتحال سبب پرڏيهين جو بار برداشت نٿو ڪري سگھي، غيرقانوني پرڏيهي دهشتگردي سميت امن امان جي صورتحال ۾ رڪاوٽ آهن، رٿ دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن بهارين ۽ بنگالين کي غيرقانوني پرڏيهي سڏڻ تي احتجاج ڪندي اسيمبلي جي ڪارروائي مان لفظ ئي خارج ڪرائي ڇڏيا، چيئرپرسن ريحانه لغاري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ايم پي اي هير سوهو پاران غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري پيش ڪيل رٿ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي، ماروي فصيح پاران تقرير ۾ غيرقانوني بهاري ۽ بنگالي مهاجر لفظ استعمال ڪرڻ تي مخالف ڌُر ميمبرن ايوان ۾ گوڙ  ڪيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، مخالف ڌُر جي گوڙ سبب گهر وزير ضياالحسن لنجار بهاري ۽ بنگالي مهاجر لفظ ڪاروائي مان حذف ڪرائي ڇڏيو.  جنهن بعد هير سوهو جي سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ واري مهملي رٿ گڏيل طور تي منظور ڪئي وئي. اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته افغانستان سميت ٻين ملڪن جا ماڻهو پاڪستان جون سرحدون ٽپي داخل ٿين ٿا پر اهي سڌو اچي سنڌ پهچي وڃن ٿا، هن ايم ڪيو ايم ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ هڪ آهن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي کان اڳتي رڳو سمنڊ آهي، هن متحده ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنجاب، بلوچستان يا ڪي پي ڪي سميت ڪٿي به وڃو ته ايڊجسٽ ٿي نه سگھندئو، اها سنڌ آهي، جنهن جي اسيمبلي ۾ توهان ميمبر آهيو، پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ اسيمبلي ميمبر ناهي. هن چيو ته سنڌ ۽ ڪراچي وارا جملا ڳالهائڻ وارو عمل توهان کي نه ٿو سونهين، جنهن تي ايم ڪيو ايم جو ايم پي اي اعجازالحق ڪاوڙجي پيو،  هو پنهنجي تقرير دوران جذباتي ٿي ويو جنهن تي اڳوڻو اسپيڪر آغا سراج دراني پڻ اٿي بيٺو، آغا سراج دراني چيو ته هتي ڪنهن کي به گهٽ وڌ نه ڳالهايو ويو آهي، آغا سراج دراني جي اعتراض کانپوءِ پينل آف چيئرمين ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي اعجازالحق جو مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيو. پارلياماني وزير ضياالحسن لنجار رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته ته سنڌ ڌرتي ڌاري آبادي جو وڌيڪ بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ان ڪري غيرقانوني طورتي ترسيل پرڏيهين کي واپس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته هي رٿ غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي بابت آهي، چاهي اهو غيرقانوني ترسيل ماڻهو انڊيا جو ڇو نه هجي؟ هن چيو ته اسان وٽ انڊيا جا دهشتگرد به گرفتار ٿيندا رهيا آهن، انهي کان اڳ پ پ ايم پي اي ماروي فصيح پنهنجي تقرير ۾ بهاري لفظ استعمال ڪيو ته مخالف ڌر جا ميمبر چِڙي پيا، جنهن تي ايوان ۾ هُل هنگامو ٿي ويو، جنهن بعد پارلياماني وزير ضيالنجار ڪارروائي مان  بنگالي ۽ بهاري مهاجر لفظ حذف ڪرائي ڇڏيا. پ پ ايم پي اي هير سوهو جي پيش ڪيل رٿ جي ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ميمبرن به حمايت ڪئي، جنهن بعد  رٿ متفقه طور تي منظور ڪئي وئي.

بهارين کي گھرائي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيو: متحده جو رينگٽ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي واري رٿ دوران ايم ڪيو ايم ميمبرن وري بنگلاديش ۾ رهندڙ بهارين کي پاڪستان گھرائي کين شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي گهر ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم جي اعجاز الحق، بلقيس مختيار سميت مختلف ميمبرن چيو ته بنگلاديش ۾ رهندِڙ بهاري پاڪستاني آهن، جيڪي اڃا تائين بنگلاديش جي ڪيمپن ۾ رهن پيا، سندن حق ٺهي ٿو ته  اهي هتي اچي آباد ٿين، هنن چيو ته پاڪستان اسان جي وڏڙن ٺاهيو هو، اسان ڀارت ۾ ڪارخانا ۽ بنگلا ڇڏي آياسين پر هتي اسان کي گاريون نصيب ٿين ٿيون.  ايم ڪيو ايم ميمبرن جي تقرير بعد پيپلز پارٽي جي ايم پي ايز حنا دستگير ۽ ماروي راشدي ۽ ٻين چيو ته اوهان کي ڪير ٿو گاريون ڏئي؟ توهان کي اسان ته سنڌي سمجھون ٿا پر توهان پاڻ کي اڃا تائين مهاجر ڇو ٿا سڏايو؟

Leave A Comment