سنڌ اسيمبلي جي 26 اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمينن جو اعلان

سيپٽمبر 5, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي 26 اسٽينڊنگ ڪاميٽين جا چيئرمين چونڊجي ويا، ان ڏس ۾ امتياز شيخ کي ورڪس ، عبدالرزاق راجا کي صنعتن، تنزيلا اُمه حبيبه کي اسپيشل ايجوڪيشن (معذورن جي ڀلائي)، سيد صالح شاھ جيلاني کي معدني وسيلا، ڄام شبير کي اسڪول ايجوڪيشن ( تعليم)، محمد عامر صديقي کي ثقافت ۽ سياحت، سڪندر شورو کي هائر ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، نجمه مرزا کي ايڪسائيز فرح سهيل کي عورتن جي ڀلائي، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ کي اقليتي معاملا، محمد دانيال کي رانديون، امداد پتافي کي اطلاعات،  ڊاڪٽر  سهراب سرڪي کي پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ، سرفراز شاھ کي آبپاشي ، ساجد جوکيو کي ليبر ، ريحان بندو خان کي توانائي، عبدالباسط کي سوشل ويلفيئر،  ضياءَ عباس شاھ کي پلاننگ، محمد عثمان کي ڪچي آبادي،سيد اعجاز شاھ کي سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن، طحيٰ احمد خان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي )، نثار قريشي کي زراعت، محمد اويس کي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز، اسماعيل راهو کي روينيو،نور احمد ڀرڳڙي کي زڪوات ۽ پير مجيب الحق کي قانون، پارلياماني معاملا ۽ هيومن رائٽس کاتن جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو آهي. واضح  رهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو نثار کهڙو ۽ گهرو کاتي واري ڪاميٽي جي فريال ٽالپر اڳ ۾ ئي بنا مقابلي سربراهه چونڊجي چڪا آهن

Leave A Comment