سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

فيبروري 24, 2024

سنڌ اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو، اسپيڪر آغا سراج دراني نون چونڊيل ميمبرز کي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ حلف کڻايو، 168 ميمبرز جي ايوان ۾ اڄ 148 ميمبرز حلف کنيو، اليڪشن ڪميشن 163 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪي آهي، نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ شرجيل انعام ميمڻ سميت پيپلز پارٽي جي 111 ميمبرز حلف کنيو، ايم ڪيو ايم جي 36 ميمبرز به حلف کڻي ورتو، پيپلزپارٽي جي نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، وڏي وزير جي چونڊ 26 فيبروري سومر ڏينهن ٿيندي

Leave A Comment