سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ گداگر مافيا خلاف ڪارروائي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو
مَي 21, 2024
سنڌ اسيمبلي صوبي ۾ گداگر مافيا خلاف ڪارروائي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو معاوضو وڌائڻ ۽ رقمن جي ورڇ ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ وارو ٺهراءُ به منظور، ايم ڪيو ايم جي ريحان اڪرم پاران گداگر مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته گداگر مافيا خلاف ڪارروائي لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪئي وڃي، پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سعديه جاويد بي آءِ ايس پي جي معاوضي ۾ واڌ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ايم پي اي هير سوهو چيو ته بي آءِ ايس پي تحت غريبن کي هڪ ڀيرو 3 لک روپيا ملڻا هئا، بعد ۾ اهو ختم ڪيو ويو جيڪا ناانصافي آهي، پروگرام جي معاوضي ۾ واڌ ڪئي وڃي، پيپلزپارٽي جي هير سوهو پاران سنڌ مان بجليءَ جي هٿرادو لوڊشيڊنگ جي خاتمي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ هير سوهو جي ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ نااهل ادارا بڻجي ويا آهن، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهيني تائين ٽرانسفارمر لاهي کڻي وڃن ٿا، ملازم ريڊنگ ڪرڻ بدران گهران ويهي بل اماڻين ٿا، ڪنهن 20 يونٽ بجلي استعمال ڪئي ته بل 2 سئو يونٽس جو اماڻي ڇڏين ٿا، ادارا چون ٿا اسان قسطيون ٿا ڪيون، جڏهن بجلي استعمال ئي نه ڪئي آهي ته قسطيون ڇا جون ڏيون