سنڌ بجيٽ تي بحث شروع: پ پ ايم پي ايز پاران واکاڻ : انگ اکرن جي هيرا ڦيري ٿي: اپوزيشن

جُون 21, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 2024_25ع جي بجيٽ تي بحث شروع : پ پ ميمبرن بجيٽ کي مثالي قرار ڏئي ڇڏيو، مخالف ڌر پاران وري بجيٽ کي انگن اکرن جي هيراڦيري قرار ڏيندي رد ڪيو ويو، بجيٽ تي بحث جي پهرين ڏهاڙي تي پيپلزپارٽي توڙي مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ مميبرن بجيٽ تي تقريرون ڪيون.  پ پ ايم پي ايز ڊاڪٽر سهراب سرڪي ،شازيا ڪريم سنگهار، اعجاز شاهه بخاري ۽ ٻين سنڌ حڪومت جي تعريف ڪندي چيو ته وفاق پاران ڪجهه سالن کان سنڌ کي ناڻي ورڇ ۾ پورو حصو نه ڏيڻ باوجود سنڌ حڪومت  ترقياتي رٿائن لاءِ هڪ هزار ارب ۽  تعليم لاءِ 500 ارب رپيا  رکيا آهن، هنن چيو ته هتان جو روڊ نيٽ ورڪ ۽ اسپتالون  شايد ئي ٻي ڪنهن صوبي ۾ هجن.  پ پ ايم پي اي ياسمين شاهه پنهنجي ئي سنڌ حڪومت تي دٻيل لفظن ۾ تنقيد ڪندي چيو ته بدين ضلعي جي اسڪولن ۾ استادن ۽ اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي، تعليم کاتي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته بدين ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن جي سخت ضرورت آهي، ٻهراڙي جي استادن کي سکيا ڏئي سندن پگهارون وڌايون وڃن، هن چيو ته اسڪولن ۾ 20 ٻارڙن تي هڪ استاد هجڻ گھرجي پر  منهنجي  تڪ ۾ سئو سئو ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، هن چيو ته بدين ۾ تعليم جا مسئلا حل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اين سي ايڇ ڊي جا استاد 15، 15 سالن کان ڪم ڪري رهيا آهن پر انهن کي ايتريون پگهارون ۽ مراعتون نه ٿيون ملن. هن چيو ته بدين ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن، ڊاڪٽر ڊيوٽيون ڪرڻ نه ٿا اچن، انڊس اسپتال  وارا به بدين ۾ ڪم نه پيا ڪن، جنهن جي آئون پاڻ گواهه آهيان، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي وڃي جيڪا انڊس اسپتال ۽ بدين سول اسپتال جي مسئلن کي ڏسي. پ پ ايم پي اي سيد حسن علي شاهه چيو ته نوشهرو فيروز سميت هر ضلعي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي شاخ کولڻ گهرجي، ڀريا  1988ع ۾ تعلقو بڻيو پر اڄ تائين تعلقا اسپتال اپ گريڊ به ناهي  ٿي، پ پ ايم پي اي هالار وساڻ چيو ته  اليڪشن ۾ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، پ پ ايم پي اي نذهت پٺاڻ بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن، ڪراچي ۾ ان ڪري مسئلا آهن جو هتي آبادي تمام گهڻي آهي، پ پ ايم پي اي شام سندر آڏواڻي چيو ته پريا ڪماري کي سبيل ورهائيندي اغوا ڪيو ويو، کيس بازياب ڪرايو وڃي، هن مطالبو ڪيو ته جبري مذهب مٽاائڻ خلاف سخت قانون سازي ڪئي وڃي، ٿاڻو بولاخان  ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان لائيبريري قائم ڪئي وڃي. بجيٽ تقرير ڪندي متحده ايم پي اي محمد دلاور چيو ته بجيٽ لاءِ ايم ڪيو ايم ميمبرن کان ڪا به راءِ ناهي ورتي وئي، بجيٽ جو ڪتاب سٺو آهي پر بجيٽ سٺي ناهي، حڪومتي بينچن تي ويٺل ميمبر بجيٽ جي ساراھ ڪن پيا پر مخالف ڌُر وارا بجيٽ کي رد ڪن پيا، هن چيو ته قائم علي شاهه جي وڏ وزارت جي دور ۾ بجيٽ تقريرن دوران صوبائي وزير ۽ آفيسر موجود رهندا هئا پر هاڻي ناهن. جنهن تي اسپيڪر کيس وراڻيو ته اوهان تجويزون ڏيو. ايوان ۾ صوبائي وزير ويٺل آهن، اهي نوٽ ڪندا. بجيٽ تي بحث جي پهرين ڏينهن تي  پ پ ميمبرن وڏي وزير کان گهر ڪندي چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ ٻين ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي جون شاخون قائم ڪري دل جي  مريضن کي سندن ئي ضلعن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

Leave A Comment