سنڌ بجيٽ سڀاڻي: 5000 نيون نوڪريون: ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جا امڪان

جُون 13, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران سڀاڻي جمعي تي نئين مالي سال 2024_25 جي بجيٽ پيش ڪئي ويندي، سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 22 کان 25 سيڪڙو واڌ جو امڪان، ترقياتي بجيٽ لاءِ  830 ارب ۽ غيرترقياتي بجيٽ جي مد ۾ 18 کرب، 99 ارب 40 ڪروڙ روپيا رقم رکي ويندي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ بجيٽ سڀاڻي 14 جون تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ رٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ منظوري وٺڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب ته سنڌ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 22 کان 25 سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته  5 هزار نئين ڀرتين لاءِ 16 ڪروڙ 80 لک رپيا مختص ڪيا ويندا،  ترقياتي بجيٽ لاءِ 830 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا. ، نئين مالي سال ۾ غيرترقياتي خرچن جي مد ۾ 18 کرب، 99 ارب، 40 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويندا جنهن ۾ ملازمن جون پگھارون، پينشن، قرضن جو وياج، گاڏين، فرنيچر ۽ ٻين شين جي خريداري شامل آهي. ذريعن موجب ته امن امان جي بحالي لاءِ 170 ارب رپيا، صحت کاتي لاءِ 275 ارب رپيا، مڪاني ادارن واري کاتي لاءِ 155 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا.

Leave A Comment