سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي 5 سال دوران 15 ارب ڪمايا: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش
مارچ 5, 2024
سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي گذريل 5 سالن دوران 15 ارب روپيا ڪمايا: ايس بي سي اِي پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 5 سالن جي آمدني بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، ڊي جي ايس بي سي اِي اسحاق کهڙو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس عدالت آڏو پيش ٿيا، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت ايس بي سي اِي کي 5 سالن دوران هڪ روپيو به نه ڏنو، عدالت سوال ڪيو ته توهان پنهنجا خرچ ڪيئن پورا ڪندا آهيو؟ ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو چيو ته بلڊنگ پلانس ۽ ٻين ذريعن کان آمدني ٿيندي آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توهان ماڻهو ته غير قانوني اڏاوتن مان ڪمائي رهيا آهيو، ڊائريڪٽر جنرل چيو ته اسان قانوني اڏاوتن مان ڪمائي رهيا آهيون، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اهڙن منصوبن جي منظوري ڪير ڏئي رهيو آهي جيڪي مين روڊ تي آهن، لکي ڏيو ته آئنده مک رستن تي ڪنهن به منصوبي جي منظوري نه ڏني ويندي، عدالت دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو