سنڌ ڪابينا پاران ڪنهن کي به ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو

جُولاءِ 11, 2024

سنڌ ڪابينا ڪارونجهر ۽ ننگرپارڪر کي پروٽيڪٽڊ ايريا قرار ڏيندي ڪنهن کي به ڪٽائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي معدنيات واري وزير سردار شاهه چيو ته ڪارونجهر کان 20 ڪلوميٽرز جي فاصلي تي کارسر جو علائقو گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ايف ڊبليو او کي ليز تي ڏنل آهي

 کارسر جي علائقي مان گرينائيٽ ڪڍڻ واري معاملي تي ڪو به تڪرار نه آهي، کارسر مان گرينائيٽ ڪڍڻ بابت فيصلو سپريم ڪورٽ ۽ وائيلڊ لائيف کاتي کي ڪرڻو آهي

ڪارونجهر ۽ ننگر پارڪر جون سموريون پهاڙيون پروٽيڪٽڊ ايريا آهن، ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ گرينائيٽ ڪڍڻ جي ڳالهه ڪئي وئي

اسان موقف اختيار ڪيو ته مقامي ماڻهن جي مخالفت وارو ڪو به منصوبو شروع نه ڪيو ويندو، پيپلزپارٽي جي قيادت ان معاملي تي بلڪل چٽي آهي ته ڪا به ترقي عوامي مخالفت جي قيمت تي نه ڪئي ويندي

Leave A Comment