سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل: لائيو اسٽاڪ ۽ مڪاني کاتن وارا قلمدان بدلائڻ تي غور شروع

آگسٽ 1, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ڪابينا ۾ ردوبدل جا امڪان، لائيو اسٽاڪ ۽ مڪاني کاتن وارا قلمدان تبديل ڪرڻ تي غور شروع، ذريعن موجب مڪاني ادارن جي وزير سعيد غني کان مڪاني کاتو واپس وٺي ٻيهر ناصر شاھ حوالي ڪرڻ ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز وارو کاتو نجمي عالم کان واپس وٺي  يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي وزير محمد علي ملڪاڻي حوالي ڪرڻ تي غور شروع  ٿي ويو آهي. ذريعن موجب  محمد علي ملڪاڻي کان يونيورسٽيز اينڊ بورڊ وارو کاتو واپس ورتو ويندو. ذريعن موجب لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري جي تبديلي جو به امڪان آهي، پيار علي لاکو کي هٽائي اڳوڻي سيڪريٽري ضمير عباسي جي ڀاءُ مراد عباسي کي لوڪل گورنمينٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جا امڪان آهن

Leave A Comment