سنڌ جي وڏي وزير پاران گريڊ هڪ کان 16 تائين جون ڀرتيون شروع ڪرڻ جو اعلان
جُولاءِ 24, 2024
سنڌ جي وڏي وزير پاران گريڊ هڪ کان 16 تائين جون ڀرتيون ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪرڻ جو اعلان، ڪلوئي ويجهو نيوي چڪ جي علائقي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته نيون ڀرتيون هاڻي مهينن نه پر ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ڪنداسين، ٻن سالن دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي گريڊ 16 کان وڌيڪ جون 10 هزار ڀرتيون ڪيون ويون آهن، ايندڙ ٽن کان 6 مهينن دوران وڌيڪ 10 هزار ڀرتيون ڪيون وينديون، ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ لک 60 هزار گهر ٺاهي چڪا آهيون، 6 لک گهرن جو ڪم هلندڙ آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ ٽن سالن دوران 21 لک گهر ٺاهي ڏينداسين، بلاول ڀٽو زرداري کي ملڪ جو وزيراعظم بڻائڻ تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين