سنڌ جي وڏي وزير گم ٿيل 29 شهرين جي خاندانن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: گهرو کاتو
اپريل 30, 2024
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گم ٿيل 29 شهرين جي خاندانن لاءِ مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: سنڌ جي گهرو کاتي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران آگاهي، گهرو کاتي پاران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جي آءِ ٽي محمد اقبال، آسمان نديم ۽ شير محمد خان جي وارثن کي جبري گم ٿيل قرار ڏنو آهي، وڏي وزير جبري گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته شهرين کي جبري طور گم ڪرڻ جي ڳالهه تسليم ڪئي وئي آهي ته پوءِ گمشدگي جو سبب به ٻڌايو وڃي، اهو به ٻڌايو وڃي ته گم ڪيل شهري ڪٿي آهن ۽ ڪهڙن ادارن وٽ آهن؟ رينجرز جي وڪيل حبيب احمد چيو ته جبري گمشدگي قرار ڏيڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪنهن اداري شهرين جي گمشدگي کي تسليم ڪيو آهي، گم ٿيل شهرين بابت درخواست گذارن جي الزامن جي روشني ۾ جاچ ڪئي ويندي آهي، ان حوالي سان ڪو قانون موجود نه آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اهو عمل شروع ڪيو ويو هو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا تفصيل ۽ ٻيو مواد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو به حڪم