سنڌ جو چيف سيڪريٽري تبديل، سيد آصف حيدر شاهه نئون چيف سيڪريٽري مقرر

مارچ 12, 2024

سنڌ جو چيف سيڪريٽري تبديل، سيد آصف حيدر شاهه نئون چيف سيڪريٽري مقرر، وفاقي حڪومت چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم کي بدلي ڪندي 22 هين گريڊ جي آفيسر سيد آصف حيدر شاهه کي نئون چيف سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو، آصف حيدر شاهه موسمياتي تبديلي بابت وفاقي سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو هو، آصف حيدر شاهه 1993 ۾ سول سروس آف پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي، آصف حيدر شاهه ڪراچي ۽ حيدرآباد جو ڪمشنر به رهي چڪو آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب آصف حيدر شاهه پيشي جي لحاظ کان هڪ سول انجنيئر آهي، ڪمشنر ڪراچي ۽ حيدرآباد طور سندس ڪارڪردگي واکاڻ جوڳي هئي

Leave A Comment