سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ جو ڏيوالو نڪرڻ سبب 1100 ملين ٻُڏي ويا: پي اي سي ۾ انڪشاف
آگسٽ 17, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪوآپريٽو کاتي بابت اهم انڪشاف
پي اي سي جو ڪوآپريٽو کاتي بابت 5 سالن کان اجلاس ئي نه ٿيو! اجلاس ۾ رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي پي اي سي چيئرمين جو صوبائي سيڪريٽري تي ناراضپو، سيڪريٽري پاران هڪ مهيني جي مهلت طلب، پي اي سي چيئرمين پاران هڪ مهيني بجاءِ 10 ڏينهن ۾ رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت
ڪالهه نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪوآپريٽو کاتي جي سيڪريٽري نواز سوهو سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران انڪشاف ٿيو ته پي اي سي جو ڪوآپريٽو کاتي بابت 5 سالن کان ڪو اجلاس ئي ناهي ٿيو ۽ نه ئي وري ڪوآپريٽو کاتي پاران پي اي سي وٽ گذريل 10 سالن جو رڪارڊ پيش ڪيو ويو
اجلاس دوران ڪوآپريٽو کاتي جي سيڪريٽري نواز سوهو چيو ته سنڌ ڪوآپريٽو بينڪ جو ڏيوالو نڪرڻ سبب 1100 ملين رپيا ٻُڏي ويا آهن، ڪوآپريٽو کاتي جي رجسٽرار پاران 16 لک رپيا بينڪ بجاءِ روڪ ورتا ويا جيڪو عمل غيرقانوني آهي
هن وڌيڪ چيو ته هڪ سينيئر ڪلارڪ گورنر هائوس ۽ سيڪريٽريٽ کان الڳ الڳ الائونس وٺي رهيو هو، جيڪا رقم کانئس واپس ڪرائي ويندي
ڪالهه ڪوآپريٽو کاتي جو سيڪريٽري نواز سوهو بنا رڪارڊ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين مٿس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻي جيڪڏهن ڪو کاتو بنا رڪارڊ اجلاس ۾ آيو ته سندن خلاف ڪاروائي لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکيو ويندو. جنهن تي صوبائي سيڪريٽري چيو ته رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي نثار کهڙي چيو ته مهيني جي مهلت وڌيڪ آهي، 10 ڏينهن ۾ رڪارڊ پيش ڪيو وڃي