سنڌ سرڪار پاران سمورن کاتن کان 8 سالن ۾ خريد ڪيل گاڏين جا تفصيل اڄ طلب
سيپٽمبر 10, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران 138 اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ 2 ارب جي لاڳت جون ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري وارو معاملو عدالت پهچڻ بعد سرڪار پاران 8 سالن ۾ گاڏين جي ٿيل خريداري جا تفصيل طلب، چيف سيڪريٽري پاران سال 2016 کان هلندڙ مالي سال يعني 8 سالن ۾ خريد ٿيل گاڏين، خريداري جي طريقيڪار توڙي خريد ٿيل گاڏين جي موجوده حالت جا 24 ڪلاڪن اندر تفصيل جمع ڪرائڻ جي هدايت، ذريعن موجب تازو سنڌ سرڪار پاران صوبي جي 138 اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ هڪ ارب 99 ڪروڙ رپين جي ماليت جي 138 ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري لاءِ ناڻي کاتي کي رقم ڏيڻ بابت لکيل خط کانپوءِ معاملو عدالت پهچڻ بعد سنڌ حڪومت پاران سمورن کاتن کان 8سالن دوران خريد ڪيل گاڏين جا تفصيل گھرائي ورتا آهن. ان حوالي سان ڪالهه چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته مالي سال 2016ع کان هن وقت تائين يعني 2024_25ع تائين کاتن ۽ سندن ماتحت ادارن پاران خريد ڪيل گاڏين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 8 سالن ۾ بجيٽ ۾ گاڏين جي خريداري لاءِ مختص ٿيل رقم جي خرچ جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، خط ۾ سيڪريٽرين کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي خريد ڪيل گاڏين جي ماڊل، خريداري جي تاريخ، پروجيڪٽ جو نالو به تفصيلن ۾ ضرور شامل ڪن، گاڏين جي خريداري لاءِ ڪهڙي مالي سال ۾ ڪيتري رقم رکيل هئي؟ ۽ اها رقم ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ڪئي وئي، ان بابت لکت ۾ آگاهي ڏني وڃي. خط ۾ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته خريد ڪيل گاڏيون هن وقت ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهن؟ 24 ڪلاڪن ۾ تفصيل ڏنا وڃن.