سنڌ سرڪار پاران بجلي ٺاهيندڙ ڪمپني سيپرا جي قيام جو اعلان: ٿر ڪول سان بجلي 50 سيڪڙو سستي ٿيندي: مراد شاهه
آگسٽ 3, 2024
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪندڙ سنڌ کي پنهنجن صنعتن لاءِ مهانگي آر ايل اين جي بدران پنهنجي گيس جي ضرورت آهي، اسان پنهنجي گيس جي فراهمي لاءِ ھر فورم تي ڳالهائينداسين، پاڪستان جي توانائي بحران جو حل فقط سنڌ وٽ آهي، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي پيدا ڪري سڄي ملڪ جون توانائي واريون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون، جيڪڏهن ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪيو وڃي ته بجلي جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اسان ڪي اليڪٽرڪ کي نوري آباد پاور پلانٽ مان 15 رپيا 80 پئسا في يونٽ بجلي ڏئي رهيا آهيون، اها صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي مهانگي اگهه تي بجلي وڪرو پئي ڪري ڪراچي ترقي ڪندي ته پاڪستان خوشحال ٿيندو. هن وقت 46 سيڪڙو ملڪي ايڪسپورٽ ڪراچي مان ٿئي ٿي، جيڪا 80 سيڪڙو ٿيڻ گهرجي، ڪالهه ڪراچي چيمبر پاران ايڪسپو سينٽر ۾ رٿيل مائي ڪراچي نمائش کي خطاب ڪندي هن چيو ته مهانگي بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب صنعتون ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيون آهن، ڪيتريون صنعتون بند ٿي ويون آهن. مون هميشه چيو آهي ته مهانگي بجلي جو حل اسان وٽ آهي. سنڌ پاڪستان جي انرجي باسڪٽ آهي. سنڌ 70 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿي، آئين ۾ لکيل آهي ته جيڪو صوبو گيس پيدا ڪري ٿو، ان کي اوليت ڏني ويندي، هن وقت سنڌ جي صنعتن کي گئس نه ملي رهي آهي، مون ڪيترن ئي فورمن تي واضح ڪيو آهي ته سنڌ کي پنهنجي گيس ڏيو . وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ايترو ڪوئلو موجود آهي جو سڄي پاڪستان جي توانائي ( بجلي ) ۽ ڀاڻ جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي، انهي ڪوئلي مان ڊيزل ٺاهي سڄي پاڪستان کي سپلاءِ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان ۾ سڀ کان سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي. نوري آباد پاور پلانٽ مان ڪي اليڪٽرڪ کي 100 ميگاواٽ بجلي 15 رپيا في يونٽ جي حساب سان فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪا صنعتڪارن کي 48 رپيا ۽ 200 يونٽن کان گھٽ وارن گھريلو صارفين کي 24 کان 25 رپيا في يونٽ کان گھٽ ۾ وڪرو نه پئي ٿئي، هن چيو ته نوري آباد ۾ ايتري سستي بجلي پيدا ڪرڻ باوجود اسان کي ٻيو پاور پلانٽ لڳائڻ نه ڏنو ويو. گهڻين ڏکائين کانپوءِ اسان کي بجلي ٺاهيندڙ ۽ ورهائيندڙ نئين پاور ڪمپني سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهڻ جي منظوري ملي آهي، جيڪا تمام جلد شروع ڪئي ويندي. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي وسيلن مان بجلي پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته بجلي جي اگهه ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو سستي بجلي آندي هئي، شهيد بينظيرڀٽو جي آءِ پي پيز پاور پاليسي کي بنگلاديش پڻ اختيار ڪيو، بدقسمتي سان اسان وٽ انهي پاليسي کي رد ڪيو ويو. هن چيو ته ڪيپسٽي چارجز واري مسئلي تي آءِ پي پيز سان ٻيهر ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، انهي مسئلي کي ڊگھي عرصي واري رٿابندي سان حل ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن پاليسي ”اڄ نه، سڀاڻي ڏسبو“ واري هوندي ته مسئلو جيئن جو تيئن رهندو. عوام ۽ واپارين کي رليف ڏيڻ لاءِ اسان کي بجلي جي قيمتن کي ٻيهر ترتيب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان وٽ ٽرانسميشن لائين ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ پئسا ناهن ته پوءِ توانائيءَ تي ٻڌل صنعتن کي وڏن پاور پلانٽس جي ويجهو منتقل ڪيو وڃي. وڏي وزير شڪايت ڪئي ته ميڊيا ڪراچي جو مثبت رخ نٿي ڏيکاري. هن مثال ڏنو ته هڪ وڏي اخبار ۾ اسان جي مثبت خبر کي منفي ڪري ڇڏيو ته ناظم آباد گرين بس ٽرمينل تي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ٽريفڪ بند ٿي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ برسات جي تباهي کي ٻارن جي راندين جي تصويرن ذريعي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان کي ڪراچي کي پنهنجو ڪرڻو پوندو. ڪراچي جا شهري ميڊيا سان گڏجي پنهنجي گهرن کي نقصان نه پهچائين. جيڪڏهن اسان ايترا خراب هجون ها ته ماڻهو ڪراچي ڏانهن نه اچن ها. وڏي وزير چيو ته پ پ حڪومت ڪراچي ۾ گهڻي سيڙپڪاري ڪئي آهي، هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ 225 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي ۾ مسئلا ضرور آهن پر صورتحال ايتري خراب ناهي. ڪو وقت هو جڏهن ڪراچي ۾ روزانو 50-50 لاش ملندا هئا. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ڪجهه اضافو ٿيو آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها پر اسان ان جي خاتمي لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا آهن. هن چيو ته اسان جي هر واقعي تي نظر آهي. وڏي وزير مائي ڪراچي نمائش ڪرائڻ تي ڪي سي سي آءِ کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ڪراچي منهنجي دل ۾ خاص جاءِ رکي ٿو، جيڪا اسان جي ملڪ جي خوشحالي جي ضامن آهي، هن وفاقي حڪومت کي اپيل ڪئي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ واپارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن. هن ڪي سي سي آءِ جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته واپارين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن.