سنڌ سرڪار پاران سيپرا، ڇور_اسلام ڪوٽ ريلوي ۽ 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي سکيا ڏيڻ جو اعلان

آگسٽ 16, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ گجر، اورنگي ۽ محمود آباد  نالن جي متاثرن جي آبادڪاري لاءِ 10 ارب، حب ڪئنال جي تعمير لاءِ 12 ارب 70 ڪروڙ ۽ 20 لک رپيا، جميلا پمپنگ اسٽيشن جي مرمت لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي(سيپرا) جي قيام، ٿر جوڪوئلو کڻڻ لاءِ اسلام ڪوٽ کان ڇور شهر تائين ريلوي لائين وڇائڻ، مختلف ضلعن ۾ سولر پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ ۽ 10 هزار نوجوانن لاءِ پيپلز ٽيڪنالاجي پروگرام شروع ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا. ڪالهه سنڌ جي وزيراعليٰ مراد شاهه جي صدارت ۾ ٿيل  سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڪاني وزير سعيد غني ٻڌايو ته گجر، محمود آباد ۽ اورنگي نالن جي 6932 متاثرن کي آباد ڪرڻ جي ضرورت آهي. انجنيئرنگ ڪائونسل متاثرن کي گهرن جي تعمير لاءِ مرحليوار فنڊ جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. تجويز ڪيل شيڊول موجب گهر تعمير ڪرڻ لاءِڇت تائين ڀتين جي اڏاوت لاءِ 5 لک ۽ باقي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن  . ڪابينا مڪاني کاتي جي سفارشن تي 80 والن (720 اسڪوائر فوٽ) وارن گهرن جي تعمير لاءِ 10 ارب 65 لک رپيا في گهر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني.  واضح رهي ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل هر هڪ متاثر کي ساڍا 14 لک رپيا ڏيڻ سفارش ڪئي هئي، سنڌ حڪومت تيسر ٽائون ۾ متاثرن جي آبادڪاري لاءِ  258 ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي واٽر بورڊ 2 ارب 80 ڪروڙن مان موجوده حب ڪينال جي مرمت ڪندو، جڏهن ته  2 ارب 92 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 100 ملين گيلن جو نئون ڪئنال تعمير ڪندو.  تعميراتي ڪم ڪراچي واٽر بورڊ ۽ وفاقي حڪومت جي تعميراتي ڪمپني ڪندي. مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي واٽر بورڊ کي انهي شرط تي فوري فنڊ جاري ڪندو ته اهو منصوبو هڪ سال يعني 2025ع تائين مڪمل ڪيو وڃي. ميئر ڪراچي پاران شرط منظور ڪرڻ تي وڏي وزير فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سنڌ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي جميلا پمپنگ اسٽيشن 1980ع ۾ ان وقت جي آدمشماري کي نظر ۾ رکندي تعمير ڪئي وئي هئي، انهي جي  گنجائش  20  مان 35 ملين گيلن ڪرڻي آهي، جنهن لاءِ سڄو انفرااسٽرڪچر تعمير ڪرڻو پوندو. ڪابينا جميلا پمپنگ اسٽيشن جي واڌ ويجهه لاءِ 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا سنڌ ريگيوليشن آف اليڪٽرڪ پاور سروسز ايڪٽ 2023 تحت سنڌ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي ( سيپرا) جي قيام جي منظوري ڏيندي هلندر مالي سال لاءِ 197.9 ملين رپين جي بجيٽ منظور ڪري ورتي، سيپرا هڪ چيئرمين، ٽيڪنيڪل ڊولپمينٽ، قانوني ۽ مالياتي ميمبرن تي ٻڌل هوندي. وڏي وزير توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه کي سيپرا چيئرمين ۽ ميمبر مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. توانائي کاتي چيو ته پاڪستان ريلوي ڇور کان ٿر ڪول فيلڊ اسلام ڪوٽ تائين 150 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ 1381.34 ايڪڙ ۽ ڪراچي ۾ پورٽ قاسم کان بن قاسم تائين 9 ڪلوميٽر ريلوي لائين وڇائڻ لاءِ 30 ايڪڙ زمين گهري آهي، عمرڪوٽ ۾ 720، ٿرپارڪر ۾ 661.34 ۽ ابراهيم حيدري ۾ 30 ايڪڙ سرڪاري زمين آهي، جڏهن ته 278.22 ايڪڙ زمين خانگي آهي، جنهن مان 36.1 ايڪڙ عمرڪوٽ ۽ 242.12 ايڪڙ ٿرپارڪر ۾ آهي. ريلوي لائين جي تعمير کانپوءِ سڄي ملڪ جا پاور پلانٽ ٿر جو ڪوئلي استعمال ڪندا. ريلوي لائين سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي گڏيل طور تي ٺاهي رهيا آهن. وڏي وزير، توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو ريلوي لائين جي جلد تعمير لاءِ پاڪستان ريلوي سان رابطو ڪري. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته توانائي کاتو عالمي بينڪ جي مالي ۽ ٽيڪنيڪل مدد سان سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي. سنڌ جي ٽن ضلعن ۾ 320 ميگاواٽ جا 3 سولر پاور پارڪ قائم ڪيا پيا وڃن. سنڌ ڪابينا ٽنهي پارڪن لاءِ 1462 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، مانجهند (ڄامشوري) ۾ 50 ميگاواٽ جي سولر پارڪ لاءِ 250 ايڪڙ، ڪراچي اولهه جي ڳوٺ هلڪاڻي ۾ 120 ميگاواٽ جي سولر پارڪ لاءِ 612 ايڪڙ،  ضلعي اوڀر جي ديهه مراد بند  ۽ ضلعي ملير جي ڳوٺ مٺوگھر ۾ 150 ميگاواٽ جو سولر پارڪ قائم ڪرڻ لاءِ 600 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ويندي. بورڊ آف روينيو ٽنهي زمينن جي مد ۾ 1 ارب 362 لک رپين جي اسٽيمپ ڊيوٽي گهري آهي. اجلاس ۾توانائي کاتي اسٽيمپ ڊيوٽي معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي وڏي وزير رد ڪندي چيو ته سمورا ادارا ۽ فرد هر صورت ۾ ٽيڪس ادا ڪن. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  چيو ته پاڪستان کي سڀ کان سستي بجلي سنڌ حڪومت ڏئي رھي آھي، نوري آباد واري پاور پلانٽ مان 100 ميگاواٽ بجلي ڪي اليڪٽرڪ کي ملي ٿي، ملڪ جي معاشي توڙي توانائي جي ماھرن انهي ڳالهه تي زور ڏنو آھي ته پرڏيهه مان ڪوئلو گھرائڻ بدران ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ڪيو وڃي، اجلاس ۾ وڏي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي کي هدايت ڪئي ته اهو صوبي جي نوجوانن کي آءِ ٽي ۾مهارتن ڏيڻ لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام شروع ڪري. وڏي وزير چيو ته انهي پروگرام ذريعي نوجوانن کي عملي تربيت ڏني ويندي، مارڪيٽ جي گهرج مطابق مختلف شعبن جا ڪورس ڪرايا ويندا. اين اي ڊي يونيورسٽي، مهراڻ ۽آءِ بي اي سکر  پاران شروعاتي طور تي 10,000 نوجوانن کي جاوا، پيٿان، ڊيٽابيس ايڊمنسٽريٽر، گرافڪ ڊزائننگ، اي ڪامرس، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، ويب ڊولپمينٽ، موبائل ايپليڪيشن ڊولپمينٽ ۽ ڊيٽا سائنسز جي شعبن ۾ داخلا ڏني ويندي. ڪابينا لاڳاپيل يونيورسٽين کي انهي حوالي سان ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ ڪابينا سنڌ روينيو بورڊ کي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ مان ختم ڪري ناڻي کاتي سان ڳنڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment