سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن اصل سنڌ ڏٺي ئي ناهي، اڪيلو ٿر قسمت بدلائيندو: مرادشاهه
جُولاءِ 5, 2024
ڪراچي(رپورٽ : فقير سليم) سنڌ جي وزيراعليٰ مراد شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندڙن سنڌ ڏٺي ئي ناهي، توهان رڳو اين ايچ اي جا روڊ ڏٺا آهن، ٺٽي، نوابشاهه، ٽنڊي آدم، ٺٽو حيدرآباد ۽ سامارو عمرڪوٽ روڊ ڏسندا ته توهان کي سنڌ نظر ايندي، اڄ توهان کي اسڪرين تي نقشن جي مدد سان سنڌ جو دورو ڪرائيندس . ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ ويزن بابت ٿيل تقريب ۾ اسڪرين تي سلائيڊز، وڊيوز ۽ نقشن جي مدد سان مختلف منصوبن بابت بريفنگ ڏيندي وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ ايئرپورٽ، اسپتالن ۽ تعليمي ادارن سميت اسان جيڪي ڪم ڪيا، اهي ڪنهن به نه ڪيا آهن، ٿر پاڪستان جي قسمت تبديل ڪري ڇڏيندو، آبپاشي نظام جي بهتريءَ لاءِ به حڪومت وڏو ڪم ڪيو آهي، ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، ڄامشورو، دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن، بهترين پاليسين سبب رڳو ننگر پارڪر ۾ 4 ارب رپين جا بصر لٿا آهن، ٿر جي مائننگ پراجيڪٽس ۾ 71 سيڪڙو مقامي ماڻهو ڪم پيا ڪن، هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان 3240 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار حاصل ٿئي ٿي، ٿر ڪول بلاڪ ون منصوبو 2 ارب ڊالرن جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي، جنهن مان 1320 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. ٿر ڪول بلاڪ II جولاءِ 2019 کان وٺي 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري چڪو آهي. ٿر انرجي لميٽيڊ سيپٽمبر 2022ع کان 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. ٿل نووا پاور ٿر لميٽيڊ فيبروري 2023ع کان 330 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي، پورٽ قاسم تي لڪي اليڪٽرڪ پاور مارچ 2022ع کان 660 ميگاواٽ پيدا ڪري رهيو آهي. ٿر بلاڪ 1 ۽ II مقامي وسيلن مان بجلي پيدا ڪري ملڪ جي توانائي کي يقيني بڻائيندا، انهي سان پرڏيهي ناڻي جي به بچت ٿيندي ھن چيو ته ڪوئلي مان گئس ۽ ڀاڻ جي تياري، 10 هزار ميگاواٽ جو ڪيٽي بندر پارڪ ۽ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ملڪ جي معاشي سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڪندا. ھن چيو ته سيوهڻ جي دانستر ٽيل ريگيوليٽر جي گنجائش 1500 ڪيوسڪ هئي ،جيڪا نئين دانستر ٽيل ريگيوليٽر جي تعمير سان 6000 ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. دانستر اڙل هيڊ ريگيوليٽر جي گنجائش ۾ واڌ ڪندي سنڌو درياءَ ۾ منڇر جي وهڪري جي گنجائش 37 مان وڌائي 83 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ننگرپارڪر ۽ ڪوهستان ۾ 113 ننڍا ڊيم ٺاهيا آهن، جڏهن ته 18 ننڍا ڊيم تعمير هيٺ آهن. ڪارونجهر ۽ کيرٿر جبلن مان برساتي پاڻي گڏ ڪري 512360 ايڪڙ زمين اباد ڪئي ويندي، ماڻهن ۽ چوپاين کي پيئڻ جو پاڻي به فراهم ڪيو ويندو. ھن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڪيترائي تباهه ٿيل اسڪول ٻيهر تعمير يا بحال ڪيا ويا آهن ھن چيو ته 221 لک تباهه گهرن جي تصديق ٿي چڪي آهي، 805,000 بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن، 555,000 متاثر ماڻهن کي فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن، 373,000 گهرن جو شروعاتي اسٽرڪچر مڪمل ٿي چڪو آهي، 150,000 گهر مڪمل طور تي تعمير ڪيا ويا آهن، وڏي وزير چيو ته 21 لک گهرن جي تعمير لاءِ 112 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 548 ارب رپين جي ضمانت ڏني وئي آهي. عورتن کي بااختيار بڻائي 10 لک نوڪريون پيدا ڪيون آهن چائلڊ لائيف فائونڊيشن ذريعي اڄ سنڌ جو هر ٻار 24 ئي ڪلاڪ 30 منٽن اندر عالمي سطح جي ايمرجنسي سهولت مفت ۾حاصل ڪري رهيو آهي. ھن چيو ته 24-2023ع ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻارن کي ايمرجنسي سروس فراهم ڪئي وئي. ھن چيو ته ڄي صوبي ۾ 29 چيسٽ پين يونٽ قائم ڪيا آهن جن ۾ 19 ڪراچي ۽ 19 ڳوٺاڻن علائقن ۾ شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته نوري آباد، دادو، شهدادڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ ۾ 4 يونٽ قائم ٿيندا وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف لاءِ 2025 نيون پوسٽون پيدا ڪيون آهن وڏي وزير چيو ته اسان اين اي ڊي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ آءِ بي اي سکر کي اپ گريڊ ڪرڻ سان گڏ 9 نيون يونيورسٽيون بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد، شهيد الله بخش يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ هيريٽيج ڄامشورو، اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ سکر، ڪراچي ميٽروپوليٽن يونيورسٽي ڪراچي، لاڙڪاڻو يونيورسٽي ، ميرپور خاص ورسٽي قائم ڪيو آهن شامل آهن. مراد علي شاهه چيو ته 48 ارب رپين سان ”سنڌ ۾ سوشل سيڪيورٽي ڊليوري سسٽم کي مضبوط ڪرڻ“ جو منصوبو شروع ڪيو ويوآهي، جنهن ۾ WB-IDA جا 42000 ملين ۽ سنڌ حڪومت جي فنڊنگ مان 6300 ملين رپيا شامل آهن. وڏي وزير چيو ته اهو منصوبو پنجن سالن (2023-2027) تائين لاڳو ڪيو ويندو. پهريون ڀيرو اهو پروجيڪٽ 15 ضلعن عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊو محمد خان، سجاول، ٺٽو، بدين، ڪشمور، ميرپورخاص، جيڪب آباد، سانگهڙ، قمبر ، ٽنڊوالهيار، گهوٽڪي، مٽياري، شڪارپور ۾ هلي پيو، هن چيو ته 44.275 ملين ڊالرن جي لاڳت سان انٽراڊسٽرڪٽ پيپلز بس سروس جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. فيڊر روٽس تي 290 بسون هلن پيون، جن ۾ روزاني 125,000 مسافرن جي گنجائش آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ مختلف ميگا پراجيڪٽ مڪمل ڪيا ويا آهن جن ۾ مهراڻ هاءِ وي ۽ ان جي اسٽرام واٽر ڊرين، گلبائي کان وائي جنڪشن روڊ، مين هاڪس بي روڊ، فش چوڪ کان ڪينپ ۽ ٻيا شامل آهن. وڏي وزير سيف سٽي، ملير ايڪسپريس وي، فرانزڪ ليب، پيپلز سولر پروگرام، بينظير مزدور ڪارڊ ۽ ٻين مختلف منصوبن بابت به ڳالهائيندي افسوس جو اظهار ڪيو ته ”اسان جا نقاد انڪاري آهن“