سنڌ سرڪار پاران صوبي جي غريب ماڻهن لاءِ 22 ڏهائي 5 ارب روپين جي رمضان پئڪيج جو اعلان
مارچ 7, 2024
سنڌ سرڪار پاران صوبي جي غريب ماڻهن لاءِ 22 ڏهائي 5 ارب روپين جي رمضان پئڪيج جو اعلان، وڏي وزير صوبي جي 60 سيڪڙو آبادي کي رمضان دوران 5 هزار روپيا نقد ڏيڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رمضان ۾ شين جي اگهن تي ڪنٽرول بابت اجلاس، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته رمضان دوران گهٽ ۾ گهٽ آمدني رکندڙ 45 لک خاندانن کي رمضان ۾ رليف پئڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ چيو ويو ته ماهوار 32 هزار روپيا آمدني ڪمائيندڙ خاندان صوبي جي 60 سيڪڙو آبادي آهي، گهٽ آمدني واري هر خاندان کي رمضان دوران بينڪ ذريعي 5 هزار روپيا ڏنا ويندا، اجلاس ۾ صوبي اندر ذخيرا اندوزن خلاف اڄ کان ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو