سنڌ حڪومت پاران نوڪرين تان پابندي هٽائڻ بعد عيد کانپوءِ ڀرتين لاءِ تياريون شروع
اپريل 5, 2024
سنڌ حڪومت پاران نوڪرين تان پابندي هٽائڻ بعد عيد کانپوءِ ڀرتين لاءِ تياريون شروع، حڪومت سمورن ضلعن جي اختيارين کان مختلف کاتن ۾ پيل خالي جاين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، پهرين مرحلي ۾ گريڊ هڪ کان گريڊ 4 تائين جون ڀرتيون ڪرڻ جو فيصلو، ٻئي مرحلي ۾ گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتيون ڪيون وينديون، گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتيون ٿرڊ پارٽي جي ٽيسٽ ذريعي ڪيون وينديون، ذريعن موجب سنڌ سرڪار نوڪرين تي پابندي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو به ڪيو آهي