سنڌ سرڪار ٿر ڪول جو اگهه 9 ڊالر في ٽن گهٽائي ڇڏيو: بلاڪ 2 جي فيز ٿري جي اجازت
مَي 4, 2024
ڪراچي ( رپورٽ: فقير سليم) ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ ٿر ڪول بلاڪ 2 کاڻ لاءِ ڪمرشل آپريشنز ڊيٽ اسٽيج ٽيرف ۽ ڪانٽريڪٽ اسٽيج ٽيرف جو جائزي وٺڻ کانپوءِ نظر ثاني ٿيل مالياتي شرطن جي منظوري ڏئي ڇڏي . ڪالهه وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بورڊ 7.6 ايم ٽي پي اي گنجائش جي ٿرڪول بلاڪ-II کاڻ جي ڪمرشل آپريشنز ڊيٽ مرحلي جي ٽيرف ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي فيز III کاڻ جي فنانسنگ شرطن بابت درخواستن تي بحث ڪيو. ٿرڪول بورڊ اتفاق راءِ سان سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي ٿر ڪول بلاڪ-II مان نڪرندڙ ڪوئلي جي قيمت 45.80 بجاءِ 36.70 ڊالر في ٽن ڪرڻ جي منظوري ڏني، بورڊ اتفاق راءِ سان 11.2 ايم ٽي پي اي گنجائش واري ٿر ڪول فيز III لاءِ ڪانٽريڪٽ اسٽيج ٽيرف جي نظرثاني ٿيل مالياتي شرطن جي منظوري ڏني، جنهن هيٺ وياج جي شرح 1.5 مان وڌائي 1.85 سيڪڙو ڪئي وئي بورڊ ٿر ڪول فيلڊ بابت سنڌ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي بلاڪ-1 ۽ بلاڪ-2 ذريعي ٿر ڪول فيلڊ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ جي انتظام هيٺ بلاڪ-2 جي فيز III تي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ملڪ ۾ توانائي جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ ٿر ڪول فيلڊ جا مقصد حاصل ڪري سگهجن