سنڌ هاءِ ڪورٽ هاڪس بي ۾ ڊي ايچ اي کي 6 هزار ايڪڙ ايراضي ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو، جائزي لاءِ ناظر مقرر
آگسٽ 6, 2024
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي هاڪس بي ايريا ۾ ڊي ايچ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کي الاٽمينٽ تي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي
عدالت صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناظر پڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، عدالت چيو ته ناظر صورتحال جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪندو، عدالت علائقي جي رهواسين کي گهرن مان ڪڍڻ ۽ مقامي رهواسين کي حراسان ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو، عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
ٻڌڻي دوران عدالت وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته هي زمين ڪنهن جي ملڪيت آهي؟ جنهن تي درخواستگذارن جي وڪيل عاقب راڄپر چيو ته انگريزن جي دور کان وٺي ڳوٺاڻا ان زمين تي ترسيل آهن، رهواسين کي بي دخل ڪري ڊي ايچ اي کي زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي، ڊي ايچ اي اختيارين 6 هزار ايڪڙ زمين تي قبضا ڪري مقامي رهواسين کي بي دخل ڪري رهيا آهن،
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوليس علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت هاڪس بي ۾ 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايچ او کي الاٽ ڪري رهي آهي
درخواست گذار رضا محمد ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت کي زمين الاٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي، ياد رهي ته ڊي ايچ اي کي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف علائقي واسين رضا محمد ۽ ٻين پاران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سهڪار سان درخواست داخل ڪئي وئي آهي