سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي سميت صوبي جي 32 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائليٽس ٺاهڻ جو حڪم
مَي 17, 2024
هزارين سال اڳ موهن جو دڙو ۾ به پبلڪ ٽوائليٽس موجود هئا، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جون وڏيون بازارون، شاهراهون، قبرستان ۽ اسپتالون پبلڪ ٽوائليٽ جي سهولت کان محروم آهن، حڪومت هن اهم ضرورت جي اهميت کي محسوس ڪري: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي سميت صوبي جي 32 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائليٽس ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبي ۾ پبلڪ ٽوائليٽس جي انگ اکرن، صورتحال ۽ انهن جي استعمال جوڳو هئڻ بابت تفصيل طلب، جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ منصور ايڊوڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي هلائيندي سموري صوبي ۾ ڊويزنل سطح تي پبلڪ ٽوائليٽ ڪميٽيز ٺاهڻ جو به حڪم ڏنو، ڪميٽيز ۾ ڊي سيز، ميئرز ۽ ٽائون ميونسپل چيئرمين شامل هوندا، عدالت فيصلي ۾ چيو ته پبلڪ ٽوائليٽس جي سهولت عوام لاءِ مفت هجڻ گهرجي، پبلڪ ٽوائليٽس جهڙي بنيادي حق جي آگاهي لاءِ اثرائتي مهم هلائي وڃي، عدالتي حڪم اردو ۽ سنڌي ۾ ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو به حڪم، سرڪاري وڪيل پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪراچي جي 78 پارڪس، 33 وڏين بازارن ۽ 182 قبرستانن ۾ ٽوائليٽ جي سهولت موجود نه آهي، رپورٽ موجب ڪراچي جي 42 وڏين شاهراهن، 133 جنرل اسپتالن ۽ ڪلينڪس ۾ به ٽوائليٽ موجود نه آهن، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته بس اسٽاپس، ريلوي اسٽيشنز ۽ پارڪس ۾ پبلڪ ٽوائليٽس ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي، حڪومت ۽ عالمي ادارن کي عورتن ۽ ڇوڪرين جي پرائيويسي کي نظر ۾ رکندي هن معاملي تي سيڙپ ڪرڻ گهرجي، عدالت پاران سنڌ حڪومت کي سينيٽيشن پاليسي 2017 تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم