سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 6 مهينن اندر ڀرتين جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
جُون 6, 2024
سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 6 مهينن اندر ڀرتين جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن جي لسٽ کي ٽن مهينن اندر حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت، نيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ جي ذميواري ڪنهن ٽئين ڌر کان مڪمل ڪرائڻ جي به هدايت، سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن جي پوسٽنگ جي مدي بابت ترميمي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته پرائمري اسڪول ٽيچرز هڪ سال تائين اباڻي علائقي ۾ مقرر رهندا، عدالت سبجيڪٽ اسپيشلسٽس کي اباڻي ضلعي ۾ 5 سالن تائين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪندي چيف سيڪريٽري کي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي ناڻي سيڪريٽري عدالت ۾ عملدرآمد رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 29 هزار ڀرتين لاءِ رقم رکي وئي آهي، اسڪول جي سطح تي صوبي ۾ اڃا به 56 هزار ڀرتيون ڪرڻيون آهن، عدالت چيو ته 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن بابت ڪارروائي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، نئين ڀرتين جو عمل 6 مهينن اندر پورو ڪيو وڃي